ڪراچي/گهارو (پ ر+ن ع آ) جماعت اسلامي جي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ڪڍڻ جي مسئلي تي پيپلز پارٽي جي موقف ان کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي ڪا به ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پيپلز پارٽي جي سياست جيڪا وڏيرن جي بنياد تي عوام کي پنهنجي غلام بڻائڻ جي سياست آهي، ان جو سج هاڻي لھڻ وارو آهي. ڪو به ڪئنال يا ڊيم پاڪستان جي وحدت ۽ سلامتي کان مٿان نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو فوري اجلاس سڏائي جماعت اسلامي 14 اپريل تي بلوچستان جي مسئلي تي اسلام آباد ۾ قومي ڪانفرنس ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن جي حوالي سان 20 اپريل تي پشاور ۾ امن مارچ ڪندي. اھڙن خيالن جو اظهار هن گھارو ۾ مختصر قيام دوران جماعت اسلامي جي آفيس ۾ ڪارڪنن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته قرضن، ڪرپشن ۽ لوٽ مار سان ملڪ نٿو هلي سگھي، اسان صدر زرداري جي جلد صحت يابي لاءِ دعاگو آهيون، معلوم ناهي ڪنهن شيءَ ان کي عيد جي ڏينهن پنهنجي آباڻي شهر نواب شاهه جي ماڻهن کان پري ڪري ڪراچي پهچڻ تي مجبور ڪيو آهي.