مُلڪي جمهوريت لاءِ هر ڏينهن 4 اپريل ئي آهي

اڄ 4 اپريل جو ڏينهن آهي، جيڪو ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن جي سڃاڻپ ماڻي چُڪو آهي. ان ڏينهن سال 1979ع ۾ ضياءَالحق جي خوفناڪ مارشل لا ۾ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي، جنهن خبر سڄي ملڪ کي ته ٺهيو پر دنيا جي ڪافي ملڪن کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ ان ڦاهي جي ڏينهن کان اڳ ئي 5 جولاءِ 1977ع کان ذوالفقار علي ڀٽو، سندس سياسي جماعت پ پ ۽ ان جي سڀني اڳواڻن ۽ ورڪرن تي عتاب آيل هو. ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ٻه سال سندس عدالتن ۾ پيشيون به هلنديون رهيون پر پوءِ به ڀٽو جي ڦاهي جي ڪنهن کي توقع نه هئي، کيس اوچتو ڦاهي ڏئي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان ۾ دفنائي پوءِ خبر ۾ ٻڌايو ويو ته ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

سنڌ جي برک صحافي ۽ دانشور انور پيرزادي پنهنجي مشهور شارٽ ڪالم ”متان وساريو“ ۾ لکيو هو ته ”آمريڪي رياست هر ٽيهن سالن کانپوءِ هڪڙن خفيه رازن جي دستاويزن کي ظاهر ڪندي آهي“ سو ڪاش اسان جي رياست ۾ به اهڙي روايت پوي ۽ اسان کي ٻڌايو وڃي ته ذوالفقارعلي ڀٽو جي حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ، مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڦاهي ڏيڻ وارن واقعن جو حقيقي پس منظر ڇا هو، انهن سياسي حالتن جو ڪير ڪير ذميوار هو ۽ انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڀٽو جو پنهنجو ورتاءُ ڪهڙو رهيو، هن انهن حالتن جو ڪئين مقابلو ڪيو، ڇا ان دوران کيس حڪومت طرفان ڪا ڊيل جي آڇ ٿي يا نه، ٻاهرين ملڪن جي سربراهن کيس بچائڻ لاءِ ڇا ڪو عملي ڪردار ادا ڪيو يا نه. اسان وٽ ان حوالي سان مستند تاريخ ناهي پر جيڪڏهن ملڪي اسٽيبلشمينٽ آمريڪا وانگر هر ٽيهن سالن جا خفيه راز ظاهر ڪري ته جيڪر حقيقي تاريخ ٺهي وڃي ۽ ان عمل سان ممڪن آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي به پنهنجي ڪردار جو احتساب ڪرڻ يا جائزو وٺڻ جو موقعو ملي وڃي پر افسوس ته پاڻ وٽ اهڙي ڪنهن روايت جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي.

ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي ڪيريئر به عجيب رهيو آهي. ڪاميابين ۽ ناڪامين جو امتزاج رهيو آهي، هن جمهوري روايتون به قائم ڪيون ته غير جمهوري ڪم به ڪيا. عوامي مقبوليت به ماڻي ته سياسي حلقن ۾ تڪراري به رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو کي اصل ۾ هيرو جي حيثيت ڦاهي کانپوءِ ملي ۽ پوءِ مخالف به سندس همدرد بڻجي ويا. بهرحال ملڪ لاءِ بحيثيت وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو جنهن ملڪ کي متفقه آئين ڏنو جنهن کي 73 جو آئين چيو ويندو آهي. اهو صرف آئين ڏيڻ ناهي پر جيڪڏهن ائين چئجي ته ذوالفقارعلي ڀٽي نئون پاڪستان ٺاهيو ته غلط نه ٿيندو. اڄ هيءُ ملڪ ذوالفقار علي ڀٽي جي آئين تحت هلي رهيو آهي جڏهن ته هي ملڪ 1947ع ۾ ٺهيو پر 73 کان اڳ ڪنهن کان به آئين نه پئي ٺهيو پر اهو معجزو ذوالفقار علي ڀٽي ڪري ڏيکاريو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪمراني جو منفرد پاسو عواميت هو، هيءُ پهريون ملڪي سربراهه هو جيڪو عوام وٽ ويو، عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ عوام جون دليون کٽيون. ان عوامي پهلوءَ کيس عوام جو هيرو ۽ هردلعزيز توڙي محبوب اڳواڻ بڻايو. ذوالفقار علي ڀٽي صرف پنجن سالن جي عرصي ۾ ملڪ کي جيڪا تري ڏياري سا باقي سڄي ڄمار ۾ ملڪ ماڻي نه سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هو ته جيڪڏهن مون کي ڏهه سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو ته مان هن ملڪ کي دبئي بڻائي ڇڏيندس. هُو اهڙو سياسي اڳواڻ هو جيڪو، جيڪي ڪجهه چوندو هو سو ڪري به ڏيکاريندو هو. هو واقعي به پاڪستان کي دبئي بڻائي ڇڏي ها.

ملڪي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي جهڙو وزيراعظم وري پاڪستان کي نه ملي سگهيو آهي. هُو عالمي ليڊرن جي پائي جو اڳواڻ هو پر افسوس ته سندس قدر نه ڪيو ويو ۽ اسٽيبلشمينٽ حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي محسن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيبلشمينٽ جي مفاد ۾ يقينن غير مقبول فيصلا پڻ ڪيا پر افسوس ته کيس پوءِ به هضم نه ڪيو ويو. ڀٽو جي ڦاهي سان يقيني طور تي ملڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ان حقيقيت کي گذرندڙ هر سال ثابت ڪري رهيو آهي پر حيرت آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڪو سبق حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڀٽو کانپوءِ ان بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ عمران خان جي حڪومتن کي به مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ سڀني وزيراعظمن سان لڳ ڀڳ ڀٽو جهڙو ئي ورتاءُ ڪيو. هن ملڪ اندر هر دور ۾ آمريت، مارشل لائون ۽ نظريه ضرورت تحت فيصلا ڏيندڙ عدالتن جو راڄ رهيو آهي، جيڪو اڃا تائين قائم آهي.

پيپلزپارٽيءَ جيتوڻيڪ قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس واري دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي تي عدالت کان معافي وٺرائي ۽ صدر مملڪت جي حيثيت ۾ هن سال 23 مارچ جي موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جمهوريت جي جدوجهد ۾ ”نشان پاڪستان“ جو ايوارڊ ڏنو، جيڪو ڀٽو صاحب جي ڌيءَ صنم ڀٽو وصول ڪيو پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسٽيبلشمينٽ  ان جو دلي اعتراف ڪري ۽ ان روشني ۾ ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ آئين، قانون ۽ جمهوري روح تحت هلائڻ جو بندوبست ڪري پر هتي جو هر ڏينهن جمهوريت ۽ پارليامينٽ لاءِ 4 اپريل جهڙو ئي هجي ٿو. هتي جو هر ڏينهن، وزيراعظمن، جمهوريت ۽ پارليامينٽ لاءِ 4 اپريل جي راتاهي جهڙو ئي ڏينهن هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.