2007ع ۾، جڏهن بي نظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، ان صبح مان ۽ بابا ٻئي ناشتي جي ميز تي اداس ويٺا هئاسين. بابا چيو، "هن جي پيءُ جو لاش به پنڊي مان آيو، ۽ هاڻ بي نظير جو لاش به… ڇا هي پنڊي وارن جو سنڌ لاءِ ڪو پيغام آهي؟”
پاڻ بيحد ڏکيارا هيا، ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيائون، "ڀٽو صاحب کي به سڀ خبر هئي… ۽ بي نظير کي به!”
"توکي خبر آهي؟ جڏهن وزيراعظم ذو الفقار علي ڀٽو مري ريسٽ هائوس مان آزاد ٿيو، ته هن ريل ذريعي ملڪ جو دورو ڪيو، ماڻهن سان مليو، عوامي جلسن کي خطاب ڪيو. جڏهن ٽرين حيدرآباد پهتي، ته ڀٽو صاحب در تي بيهي چيو، ‘او منشي… او منشي، اندر اچ!’ مان رش سبب بوگين مان لنگهي ٽرين ۾ پهتس. اندر مير مرتضى ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، حسين شاهه بخاري، راٽو خان ڀٽو ۽ ٻيا وڏا اڳواڻ موجود هئا. ڀٽو صاحب کي 70 ڪلفٽن پهچڻو هو، پر هو بار بار هر ڪنهن کي چوندو رهيو، ‘ضياءُ الحق ۽ سامراجي قوتون مونکي مارڻ جو ارادو رکن ٿيون.’ اتان جتوئي، ممتاز ڀٽو ۽ ٻين چيو، ‘صاحب، توهان کي ڪجهه به نه ٿيندو…’ ۽ شايد ڀٽو صاحب انهن جي خوشفهمي جو شڪار ٿي ويو…
پر پٽ، ڀٽو جي لاش ثابت ڪيو ته جيڪو به سنڌ مان پنڊي ويندو، اهو زنده واپس نه ايندو. بي بي جي شهادت اسان کي سيکاري ڇڏيو ته، سنڌ يو! ڪڏهن به پنڊي تي ڀروسو نه ڪريو.
هاڻ، ڇا مان پنهنجي مرحوم والد شهاب الدين منشي جي ڳالهه کي وصيت سمجهان يا نصيحت؟
۽ شايد ڀٽو صاحب انهن جي خوشفهمي جو شڪار ٿي ويو… پر پٽ، ڀٽو جي لاش ثابت ڪيو ته جيڪو به سنڌ مان پنڊي ويندو، اهو زنده واپس نه ايندو. بي بي جي شهادت اسان کي سيکاري ڇڏيو ته، سنڌ يو! ڪڏهن به پنڊي تي ڀروسو نه ڪريو. هاڻ، ڇا مان پنهنجي مرحوم والد شهاب الدين منشي جي ڳالهه کي وصيت سمجهان يا نصيحت؟