ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت وارو ڏينهن اهڙو مثبت سياسي عمل آهي جيڪو ماضي ۾ منفي عمل ڪرڻ وارن کي هيرو بڻائي ڇڏي ٿو. 4 اپريل 1979ع جي صبح ڪراچي سينٽرل جيل جي سياسي قيدين جي بيرڪ نمبر 22/23 جنهن ۾ سڀ کان گهڻو انگ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيدين جو هو ٻئي نمبر تي اسان ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان وارن اسيرن جو هو. سي سڀ آمر جنرل ضياء الحق جي مارشل لا خلاف جدوجهد ڪري قيد هيا سين.
ان صبح جو معمول جي ابتڙ ٻئي بيرڪون کلي ويون پر انهن بيرڪن جي گڏيل اڱڻ جو گيٽ بند ئي هو. اسان اڃان شور ڪرڻ تي غور ئي ڪري رهيا هياسين ته ڀر واري B ڪلاس جي بيرڪ جي ڪمرن ۾ قيد پ پ جي ڪارڪنن جي روئڻ ۽ پار ڪڍڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا ته ظالمن چئيرمين ڀٽو کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀٽو جي ڦاهي جي اها خبر انهن بي بي سي ريڊيو کان ٻڌي.
اها خبر ٻڌي ڪري اسان سڀني کي تمام گهڻو ڏک رسيو. اسان گرفتار ٿيڻ کان اڳ پ پ وارن سان گڏجي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي آزادي جي مُهم هلائي رهيا هياسين. ڀٽو جي جيالن لاءِ اها خبر قيامت کان گهٽ نه هئي. اهي پنهنجي بيرڪ نمبر 23 کان ٻاهر نڪري ٻنهي بيرڪن جي گڏيل اڱڻ تي رانڀاٽ ڪري روئي رهيا هيا. زمين تي ليٿڙي رهيا هيا. سندن تمام خراب حالت هئي. اسان به پنهنجي بيرڪ نمبر 22 مان ٻاهر نڪري سندن ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ کين سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا سين، پ پ جا جيالا ڪڏهن پنهنجو مٿو پٽي رهيا هيا ته ڪي وري زمين تي مٿو هڻي رهيا هيا. اسان کين پرچائڻ ۽ همت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا سين ته مون بي ساخته اوچتو هڪ زوردار نعرو لڳايو ته ”ڀٽو شهيد کي سرخ سلام“.منهنجي نعري جو پهريون جواب رڳو اسان جي ڪجهه ساٿين ئي ڏنو پر پوءِ پ پ جي سڀني ساٿين اسان جي نعرن جو پوري شدت سان جواب ڏنو ائين مون پنهنجي اکين جي آڏو ڏک کي سياسي طاقت ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو. مون 4 اپريل 1979ع جي ڏنهن اهو نعرو لڳائي پنهنجي اندر جي ڏک جي باهه کي پئي ڪڍيو.
هاڻي 46 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڀٽو جي ڦاهي جي ڪيس تي نظرثاني ڪندي فيصلو ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو غلط هو. پر افسوس ته کاٻي ڌر جي ڪجهه حلقن ۾ هاڻي به ڀٽو کي شهيد قرار ڏيڻ تي تڪرار موجود آهي.
(ليکڪ نيشنل پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر آهي)