گرفتاري وارنٽ باوجود نيتن ياهو جي آجيان، هينگري عالمي عدالت کان ڌار ٿي ويو

هينگري حڪومت عالمي عدالت (آءِ سي سي) کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اِهو فيصلو هينگري جي وزيراعظم وڪٽر اروبان طرفان اسرائيلي هم منصب بن يامين نيتن ياهو هينگري پهچڻ کان اڳ سامهون آيو.
آءِ سي سي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو خلاف غزا جنگ ۾ مبينا جنگي ڏوهن تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.
هينگري جي وزيراعظم جي چيف آف اسٽاف گيرگي گُلياس خميس ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيسبڪ تي اعلان ڪيو ته هينگري عالمي عدالت کان ڌار ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.