”ٽي ڀيرا شادي جي تاريخ تبديل ٿي“ سرفراز احمد جا گهرواري بابت دلچسپ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد انڪشاف ڪيو آهي ته سندس شادي جي تاريخ ٽي ڀيرا تبديل ڪئي وئي هئي.
ويجهڙائي ۾ هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام دوران سرفراز احمد ٻين دلچسپ موضوعن سميت پنهنجي شادي بابت پڻ تفصيلي ويچار ونڊيا.
ڳالهه ٻولهه دوران سرفراز احمد اعتراف ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي ۽ شادي گڏ ٿي، 2015ع ۾ جڏهن زمبابوي جي ٽيم پاڪستان جي دوري تي آئي هئي ان دوران ئي سندس شادي ٿي هئي.
سرفراز چيو ته 2015ع ۾ جڏهن زمبابوي جي ٽيم پاڪستان آئي تڏهن صورتحال اهڙي هئي جو ڪا به ميچ نه ڇڏڻي هئي ۽ ان دوران شادي به هئي، تنهنڪري فيصلو ڪيو ته شادي به ڪبي ۽ ميچ به کيڏبي، اِهو ئي سبب آهي جو شادي جي تاريخ ٽي ڀيرا تبديل ٿي.
اڳوڻي ڪپتان گهرواري بابت ڳالهائيندي چيو ته گهرواري سندس ڪيريئر جا لاها چاڙها ڏٺا، 2019 واري عالمي ڪپ ۾ هوءَ گڏ هئي، ان کانسواءِ هر موقعي تي مون کي سپورٽ ڪندي رهي.
ياد رهي ته سرفراز احمد 2015ع ۾ سيد خوشبخت سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو هو، کين هڪ پٽ ۽ نياڻي جو اولاد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.