ڪوهليءَ جا مداح ” سرڪٽ “ تي ڪڙڪي پيا، ڪارڻ سامهون اچي ويو

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جا مداح رڳو هڪ غلط فهمي جي بنياد تي مشهور بالي ووڊ فلم ” منا ڀائي ايم بي بي ايس “ ۾”سرڪٽ“ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار ارشد وارثي مٿان ڪڙڪي پيا.
بئنگلورو جي ايم چنا سوامي اسٽيڊيم ۾کيڏيل آءِ پي ايل ميچ دوران رائل چئنلينجر بئنگلورو کي گجرات ٽائٽنز هٿان هوم گرائونڊ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪا آر سي بي جي ٽورنامينٽ ۾ پهرين شڪست هئي.
ميچ دوران ويرات ڪوهلي کي آئوٽ ڪندڙ ارشد خان کي ڪوهلي جي مداحن ارشد وارثي سمجهي ٽرول ۽ تنقيد جو نشانو بڻايو.
هڪ واهپيدار لکيو ته ” ارشد! تون ڪوهلي کي آئوٽ ڇو ڪيو؟ جڏهن ته ٻئي صارف مزاحيه انداز ۾ چيو ته ” منا ڀائي کي چوندس، توکي سبق سيکاريندو.“
ٻئي پاسي ڪوهلي جي مداحن طرفان بنا سبب تنقيد جو نشانو بڻجڻ باوجود ارشد وارثي عرف سرڪٽ طرفان ڪنهن به قسم جو ردعمل ظاهر ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.