سون وري مهانگو، تولو گهڻي جو ٿي ويو ؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ پنج سئو رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون پنج سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 25 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو.
ايسوسئييشن موجب، ڏهه گرام سون 428 رپيا واڌ بعد 2 لک 79 هزار 63 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون پنج ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 هزار 89 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.