سنڌوءَ تي ڪو به ڪئنال نه پيو ٺهي، پ پ سنڌ جي مفاد خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي: وڏو وزير

 

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌوءَ تي ڪئنال ڪڍڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر ترديد ڪندي چيو آهي ته جڏهن ڪئنالن جي منظوري ناهي ملي ته اهي تعمير ڪيئن ٿيندا؟
لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز کانسواءِ وفاقي حڪومت ڪِري پوندي ۽ جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا ته وفاقي حڪومت جي حمايت ڇڏينداسين، سنڌ جو ڪيس انتهائي مضبوط آهي، ان لاءِ پراعتماد آهيان.
هن سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارين خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي ۽ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي مفاد خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪئنالن جي مخالفت ڀلي ڪئي وڃي پر پيپلز پارٽي جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي، سي سي آءِ جو اجلاس ناهي ٿيو، اجلاس ٿيندو ته اتي پنهنجو موقف رکنداسين.
ان کان اڳ مراد علي شاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد مير شاهنواز ڀٽو، مادر جمهوريت محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري، گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.
ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ ندا کھڙو ساڻس گڏ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.