آءِ ايم ايف ٽيم بجيٽ تياري لاءِ سڀاڻي پاڪستان پهچندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جي ٽيم ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياري جي سلسلي ۾ چار اپريل کان پاڪستان جو دورو ڪندي.
مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ جي تياري جي سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جو وفد چار اپريل کان پاڪستان جي دوري تي ايندو.
ذريعن موجب، وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ سميت ريونيو قدمن، خرچن تي ظابطي ۽ ٻين ترقياتي خرچن جي بجيٽ بابت پاڪستاني عملدارن سان ڳالهيون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جون جي پهرئين هفتي ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ ان کان اڳ بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف ٽيم پاڪستاني اختيارين سان گڏجي تجويزون تيار ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.