آمريڪا جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ سبب تجارتي جنگ ڇڙي ويندي: مليحه لوڌي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ مقرر اڳوڻي پاڪستاني سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڪستاني شين تي ٽيڪس شروع کان هو، آمريڪي ٽيرف سبب دنيا ۾ تجارتي جنگ شروع ٿي ويندي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان، چين ۽ ترڪيه سميت مختلف ملڪن تي جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آمريڪي صدر پاڪستاني شين تي 29 سيڪڙو ٽيرف مڙهڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو نوَ اپريل کان لاڳو ٿيندو.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مليحه لوڌي چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستاني شين تي ٽيڪس شروع کان ئي هو ۽ وڌيڪ ٽيرف وڌڻ سان پاڪستاني شيون آمريڪا ۾ مهانگيون ٿي وينديون.
هن چيو ته آمريڪا ٽيرف لاڳو ڪري يا نه، پاڪستان کي پنهنجي ايڪسپورٽس بهتر ڪرڻي پوندي.
اڳوڻي پاڪستاني سفير آمريڪا طرفان ٽيرف کي گلوبل معيشت لاءِ ناڪاري قرار ڏيندي چيو ته واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سبب دنيا ۾ تجارتي جنگ ڇڙي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته چين ۽ آمريڪا وچ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو واپاري تعلق آهي، ۽ اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته ٽيرف واري معاملي تي ڪيستائين ايڊجسٽ ڪري سگھون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.