واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسينٽ چيو آهي ته ٽيرف لاڳو ڪرڻ خلاف ملڪن کي انتقامي ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اسڪاٽ بيسينٽ دنيا کي خبردار ڪندي چيو ته ٽيرف لاڳو ڪرڻ خلاف ملڪن کي جوابي ڪارروائي کان بچڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته هو هر ملڪ کي اِهو ئي مشورو ڏيندو ته جوابي ڪارروائي نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي ٽيرف خلاف جوابي ڪارروائي سبب ڇڪتاڻ وڌندي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان سميت مختلف ملڪن تي جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن خلاف مختلف ملڪن طرفان ردعمل جو سلسلو جاري آهي.
آمريڪي ٽيرف تي ڪئناڊا طرفان جوابي ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چين آمريڪا کان نوان ٽيرف رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
You might also like