اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني سمگلرن سان مبينا ڳٺ جوڙ جي الزام هيٺ ٽن سالن دوران ايف آءِ اي جي 51 ملازمن کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب، 2022ع ۾ ڇهه، 2023ع ۾ چار، 2024 ۾ 41 ايف آءِ اي ملازم برطرف ڪيا ويا.
2024 ۾ جن ملازمن کي نوڪري کان برطرفي جي سزا ڏني وئي، انهن ۾ محمد عاقب، ثمينه رشيد، نمره، حبيب احمد، سعيد الله، ساجد اسماعيل، ڪشور بخاري، اظهر علي، شعيب محمد، يوسف علي، ربنواز، سليمان لياقت، محمد نواز خان، احسان رضا شاهه، محمد عمر، حافظ محمد شميم، حنا سحرش، شهباز الحسن، ابو بڪر، زاهد اقبال، آصف خان، محمد آصف، دانيال افضل، فهد اعواڻ، محمد رضوان، عابد حسين، وسيم قيصر، محمد شفيق، پرويز اختر، محمد طلحه، شائسته امداد، نازش سحر، عرفان احمد ميمڻ، ابراهيم خان، ناديا پروين، ارم ياسر، اسلم راجپر، شگفته اڪبر، صبا جعفري، سيد احمر حسين ۽ هدايت الله شامل آهن.
2023 ۾ جن چئن ملازمن کي نوڪري کان فارغ ڪيو ويو، انهن ۾ سعد انور، ڪامران وحيد، احمد عمر ۽ عديل احمد شامل آهن.
جڏهن ته 2022 ۾ جيڪي ڇهه ملازم انساني سمگلرن سان لاڳاپن سبب نوڪري تان برطرف ٿيا، تن ۾ گلزار احمد، شاهده ياسمين، محمد عباس، نذر محمد، محمد احسن ۽ محمد وسيم شامل آهن.
Prev Post
You might also like