واٽس ايپ پيغامن جي ڀرمار کان بچڻ چاهيو ٿا ته هي طريقو استعمال ڪيو

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ ۾ هونئن آئي ڏينهن نت نوان فيچر متعارف ٿيندا رهندا آن پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر به آهي جنهن ذريعي اوهان سمورا ان ريڊ پيغام ترت ڪليئر ڪري سگهو ٿا؟
جي ها سچ پچ ڪجهه عرصو اڳ واٽس ايپ ۾خاموشيءَ سان اهڙو فيچر شامل ڪيو ويو هو، اِهو سبب آهي جو کوڙ سارن واهپيدارن کي خبر ئي ناهي ته ايپليڪيشن ۾ اِها سهولت پڻ موجود آهي.
هونئن تي واٽس ايپ جي پيغامن کي ڪليئر ڪرڻ وارو عمل گهڻو وقت وٺي ٿو ڇو ته ان لاءِ هر چيٽ کي اوپن ڪري سمورا پيغام ڏسڻا پوندا آهن.
پر ان جو حل واٽس ايپ جي سيٽنگز مينيو ۾ لڪِل آهي، جنهن ذريعي توهان غير ضروري پيغام پڙهڻ بنا ڪليئر ڪري سگهو ٿا.
فيچر جي استعمال جو طريقو
جيڪڏهن توهان جي واٽس ايپ فيڊ ۾ درجني ان ريڊ ميسجز موجود آهن ۽ اِهي پڙهڻ نه ٿا چاهيو ته هي فيچر اوهان لاءِ ئي آهي.
ان لاءِ واٽس ايپ ۾ مٿي ساڄي پاسي موجود ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪلڪ ڪريو.
اتي موجود آپشنز ۾ ريڊ آل سليڪٽ ڪريو.
اِهو آپشن سليڪٽ ڪرڻ تي سمورا پيغام ان ريڊ ميسجز ۾ گم ٿي ويندا يا ائين کڻي چئون ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ اوهان سڀ پيغام پڙهي ڇڏيا آهن.
ان فيچر ذريعي اهڙن واهپيدارن کي وڌيڪ فائدو ٿيندو جيڪي ڪيئي واٽس ايپ گروپن جو حصو آهن ۽ جن لاءِ سمورا پيغام پڙهڻ ممڪن ناهي هوندو.
هن طريقيڪار تحت اهڙن واهپيدارن جو وقت بچڻ سان گڏوگڏ واٽس ايپ ان باڪس کي منظم رکڻ ۾ به مدد ملندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.