راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب الزام لڳايو آهي ته عمران خان کي عيد نماز پڙهڻ نه ڏني وئي، اسان ڪهڙي اسلامي ملڪ ۾ رهون پيا، جتي پي ٽي آءِ باني کي عيد نماز نه پڙهڻ ڏني وئي.
پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ اڄ دوستن جو هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، شبلي فراز، عمران خان جو ترجمان نياز الله نيازي، عاليه حمزا ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ ملاقات لاءِ جيل پهتا.
پارٽي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا اڳواٽ ئي ملاقات لاءِ ايندڙن جا نالا جيل اختيارين کي ڏئي ڇڏيا هئا ، جڏهن ته شام جو چئن وڳي جيل عملي ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ بابت باضابطا اطلاع ڏنو، جنهن تي پارٽي اڳواڻ واپس هليا ويا.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عدالتي حڪمن باوجود عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.
هنن چيو ته خميس ڏينهن ملاقات جي لسٽ باني پاڻ فائنل ڪري وڪيلن حوالي ڪندو آهي.
هنن اهو به چيو ته انهن کي ان ڳالهه جو پتو ناهي ته ڪنهن جي چوڻ تي ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي آهي، اڍائي مهينن کان عمران خان جو پٽن سان رابطو ناهي ڪرائي ويو ۽ سندس ڀينرن سان به ملاقات ناهي ڪرائي وئي.
پارٽي اڳواڻن چيو ته عدالتي حڪمن جي بار بار توهين ٿي رهي آهي ۽ اُميد ڪئي آهي ته جج پنهنجي حڪمن تي عمل ڪرائن، جيڪڏهن جج حڪمن تي عملدرآمد نٿا ڪرائي سگهن ته کين عهدا ڇڏي گهر وڃڻ گهرجي.
You might also like