ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته آصف زرداري جي طبيعت ۾ بهتري اچي رهي آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي، ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته صدر آصف زرداري جي طبيعت ۾ بهتري اچي رهي آهي، رت جي ٽيسٽ وارين رپورٽن ۾ به هاڪاري اشارا مليا آهن.
هن چيو ته صدر زرداري کي علاج لاءِ نوابشاهه کان ڪراچي منتقل ڪرڻ سٺو فيصلو هو، انفڪشنز ڊيزيز شعبي جا ماهر روزانو 3 ڀيرا صدر آصف زرداري جو معائنو ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته صدر کي ڪجهه ڏينهن اندر اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر عاصم وڌيڪ ٻڌايو ته صدر سان ملاقاتن تي پابندي ڪورونا سبب لڳائي وئي آهي، صدر زرداري جي گهرڀاتين کي سندس صحت بابت مسلسل آگاھي فراهم ڪئي پئي وڃي.
You might also like