لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدارت ملي وئي.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ايگزيڪٽيو ڪميٽيءَ جو ورچوئل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، اي سي سي ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان کي صدارت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ايندڙ مدي لاءِ اي سي سي جي صدارت پاڪستان وٽ هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ايندڙ صدر هوندو، ان حوالي سان ڪائونسل باظابطا طور اعلان جاري ڪندي.
Next Post
You might also like