وزيراعظم بجلي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گھريلو ۽ صنعتي واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگھن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بجلي جي اگھن ۾ لاٿ بابت سرڪاري پئڪيج واري تقريب اسلام آباد ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي.
تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوتِ سان ٿي، جنهن کانپوءِ نعت پيش ڪئي وئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ الله جي فضل سان قوم کي خوشخبري ڏيڻ آيو آهيان.
هن چيو ته جڏهن اقتدار سنڀاليو تڏهن ملڪ جي ڏيوالي جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، آءِ ايم ايف ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو، بجلي گهرن جي آپريشن لاءِ پئسا نه هئا ۽ توانائي جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڏکي صورتحال هئي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو ڏيوالو ڪرڻ وارا انهيءَ تي جشن ملهائي رهيا هئا ته ملڪ کي ڪير به هن صورتحال کان بچائي نه سگهندو ۽ اهي ماڻهو پنهنجي سازشن جون سموريون حدون اورانگهي چڪا هئا.
هن چيو ته هي اُهي ئي ماڻهو آهن، جن آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو پاڻ ٽوڙيو، اسان جي معاشي استحڪام جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون ۽ اڳوڻي ناڻي وزير آءِ ايم ايف کي خط لکي اسان جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته معيشت هاڻي ماضي جي اونداهين مان نڪري روشنيءَ ڏانهن اچي چڪي آهي، انڪري مان سڄي قوم، ڪاروباري طبقي ۽ خاص طور تي عام ماڻهوءَ جي صبر کي ساراهيان ٿو، ان سموري عمل ۾ آرمي چيف سيد عاصم منير جو مڪمل سهڪار حاصل رهيو.
هن چيو ته ملڪ جي ترقيءَ جو سفر هاڻي شروع ٿي چڪو آهي، جيتوڻيڪ اهو ڏکيو سفر آهي، پر هاڻي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون.
شهباز شريف چيو ته گذريل هڪ سال دوران پيٽرول جي اگهن ۾ 38 رپيا في ليٽر گهٽتائي ٿي، اڄ به پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جا اگهه خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي کانسواءِ ملڪ جي صنعت، واپار ۽ زراعت ترقي نه ٿي ڪري سگهي.
هن ٻڌايو ته وياج جي شرح 22.5 سيڪڙو مان گهٽجي 12 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جنهن ذريعي ڪاروبار کي فائدو ٿيو آهي، جڏهن ته مهانگائي 38 سيڪڙو مان گهٽجي سنگل ڊجيٽ ۾ اچي چڪي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي موجودگيءَ ۾ سبسڊي ڏيڻ ممڪن نه آهي، آءِ ايم ايف جي قرضن سبب قوم جا هر سال 800 ارب رپيا ٻُڏي وڃن ٿا، مان سمجهان هٿو ته اسان سڀني سياستدانن ۽ ادارن کي 800 ارب گڏ ڪرڻا پوندا.
وزيراعظم شهباز شريف ٻڌايو ته جڏهن پيٽروليم شين جا اگهه عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽيا، ته حڪومت اهو فائدو عوام ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، آءِ ايم ايف کي راضي ڪيو ويو، اهڙي طرح آءِ پي پيز سان ٿيل معاهدن تي ٻيهر ڳالهين سان 3696 ارب رپين جي بچت ٿي، جيڪا 15 سالن تائين ادا ڪرڻي هئي.
وزيراعظم ٻڌايو ته گھريلو واهپيدارن لاءِ بجلي جو يونٽ جون 2024 ۾ 48.70 رپيا هو، جيڪو هاڻي 45.05 رپيا آهي، اڄ ان ۾ وڌيڪ 7.41 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، جنهن بعد گھريلو واهپيدارن کي 34 رپيا في يونٽ بجلي ملندي.
هن وڌيڪ چيو ته صنعتي شعبي لاءِ بجلي جي قيمت جون 2024 ۾ 58.50 رپيا في يونٽ هئي، جيڪا اڳ ۾ ئي 47.19 رپيا ٿي چڪي آهي ۽ اڄ ان ۾ وڌيڪ 7.59 رپيا في يونٽ جي لاٿ جو اعلان ڪري رهيون آهيان

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.