ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ مظاهرا،مارچ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي 6 ڪئنالن، سنڌو درياھ تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سڄي سنڌ  ريليون، پيادل مارچ ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ فرحان لاڙڪ، ڪاشف خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نسيم ننگر چوڪ قاسم حيدرآباد تي  سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، نذير بليدي، بابو ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، ڪوٽڙي ۾ اعجاز سومرو، امداد پنھور، الطاف خاصخيلي، ذاڪر گرگيز، شبير مشوري ۽ مقصود جھتيال جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ڊگھڙي ۾ شوڪت. نوحاڻي، انور نوحاڻي، ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ڪرڙ ريٻاري، حسين خاصخيلي، شاھپور چاڪر ۾ محمود رخساڻي، صدام کوسو، جنھاڻ سومرو کان بلڙي شاھ ڪريم تائين  پنھل سولنگي، اسماعيل سومرو جي اڳواڻي ۾ سوين موٽر سائيڪل جي ريلي ڪڍي وئي ٻيٽو جتوئي کان ميھڙ تائين ھزارين ماڻهن ايڊووڪيٽ منور جتوئي،ايڊووڪيٽ مير کوسو ۽ حبيب چانڊيو جي اڳواڻي ۾ 7 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، شھدادپور، عمرڪوٽ، نئون ديرو نصيرآباد، لاڙڪاڻو، ٺل، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، مورو، ڄام صاحب، دولتپور، مٺي، بدين، ٻھارا، ڏھرڪي، واھي پانڌي، مٽياري، ميھڙ سڪرنڊ، مويا، ڪڙيو گھنور، نندو، چمبڙ، ھالا، شڪارپور، بدين، ٽنڊو باگو، چمبڙ، ميرواھ گورچاڻي، ڳوٺ دين محمد ڀرڳڙي، ٿاڻو بولا خان، ڪورنگي، سچل ڳوٺ، جھمپير، ٺٽو، ٻنون، باھو کوسو، ھنگورجا ڪنڊيارو، سيوهڻ، ھالا، پنوعاقل، گمبٽ، ڪنب ۽ ٻين شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. ان موقعي تي ڪارڪنن تي سنڌو درياھ تي ڌاڙو بند ڪيو، ڪئنال سمورا نامنظور جي سخت نعريبازي ڪئي. زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته ھي جياپي جي جنگ آھي سنڌ ۾ رھندڙ سموريون ٻوليون ڳالھائيندڙ سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف جدوجھد ڪن ۽ آواز اٿارين. گرين پاڪستان سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. نصرت خاصخيلي ۽پنھل سولنگي خطاب ڪندي چيو  ته ايوان صدر ۾ ڪئنالن جي منظوري صدر آصف زرداري ڏني ۽ سنڌ ۾ بلاول زرداري ۽ وزير اعلي سميت پ پ وزير واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائي رھيا آھن هوڏانهن  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي عيد جي ٽنهي ڏينھن تي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ درياھ لاءِ ۽ ڪئنالن خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي سنڌ جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي ته سنڌ جي ماڻھن ثابت ڪيو آھي ته دنيا جي ڪا به طاقت سنڌو درياھ تي ڪو ڌاڙيل واھ نٿي ٺاھي سگھي سنڌو درياھ اسان جي ريڊ لائين آھي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پاڪستان تي رحم ڪن. هن چيو ته  سنڌو درياھ جي جدوجھد ايم آر ڊي کان وڌيڪ طاقتور ۽ تيز ٿي رھي آھي. ائين نه ٿئي ته تمام گھڻي دير ٿي وڃي ۽ حڪومت سڀ ڪجھ وڃائي ويھي رھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.