ميرپورخاص/ سنڌڙي (صالح اوٺو/ ڪاشف شر) سنڌڙي ڀرسان گھر جي باهه سبب ٻن معصوم ٻچڙن کي بچائڻ جي ڪوشش دوران ماءُ به سڙي فوت ٿي وئي، تعلقي سنڌڙي جي ڳوٺ حاجي ولي محمد مڱريو ۾ ٻنپهرن جي ماني لاءِ دکايل چلھه مان نڪتل چڻنگ سبب ڪڻڪ جي لاباري لاءِ عمرڪوٽ کان آيل ڪٽنب جي ڪکاوين گھر کي باھ لڳي وئي، ان دوران گھر اندر سُتل پنهنجن ٻن معصوم ٻارن کي بچائڻ لاءِ مچ ۾ گهڙي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مهينن جي ڳورهاري عورت 40 ورهين جي مريم ڀيل، سندس 5 ورهين جو معصوم پٽ هرلال ۽ 8 وهين جو معصوم پٽ خوشحال ڀيل سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته گھر ۾ رکيل اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، اطلاع باوجود ٽائون ڪاميٽي هڱورنو ۽ ميرپورخاص فائربرگيڊ گاڏي وقت تي نه پهتي، جنهن ڪري باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو، ۽ معصوم جانيون سڙي ويون، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽن ڪلاڪن جي سخت جدوجهد بعد باھ تي ضابطو آڻي گھر مان عورت ۽ سندس ٻن پٽن جا لاش ٻاهر ڪڍرائي پوليس جي مدد سان سول اسپتال پهچايا، جتان قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، سڙي ويل عورت جي مڙس ويجو موجب هو ڪڻڪ جي لاباري لاءِ ٻني تي ويل هئا اسان لاءِ مريم ماني پچائي رهي هئي.
ڳوٺاڻن جو ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج، فائربرگيڊ جو گهيرو
ميرپورخاص: واقعي بعد ميرپورخاص مان فائربرگيد جي گاڏي پهتي ته ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي فائربرگيڊ عملي جو گھيروڪيو ۽ چيو ته هنگورنو جي فائر برگيد 10 کان 15 منٽن اندر پهچي سگھي ٿي، پر اُها آخر تائين نه پهتي، هميشه ايئن ئي ٿيندو آهي، جڏهن به ضرورت پوي ٿي ته ان جي خراب هجڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو، هنن الزام هنيو ته فائربرگيڊ باھ وسائڻ بدران وڏيرن ۽ من پسند ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي، ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ڊاڪٽر رشيد مسعود چيو ته باھ جي اطلاع بعد ٽيمون روانيون ڪيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، واقعي ۾ گهريلو مسئلو به سامهون آيو آهي، ان حوالي سان پوليس جاچ ڪري رهي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ ۽ پوليس جي جاچ بعد اصل حقيقت سامهون اچي ويندي، في الحال ڪجھه نه ٿو چئي سگھجي، ميرپورخاص جي فائر برگيد پهتي هئي،
گھر ساڙي زال ۽ ٻار قتل ڪرڻ جو الزام، پورهيت گرفتار
ميرپورخاص: سنڌڙي لڳ ڳوٺ ۾ باھ وارو واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو، باھ لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويل عورت وارث سولاسپتال ميرپورخاص پهتا، جتي هنن الزام هڻندي چيو ته اسان کي شڪ آهي ته مريم جي مڙس ويجو ڀيل گھر کي باھ ڏئي زال ٻارن قتل ڪيو آهي، هو اڳ به پنهنجي زال تي تشدد ڪندو هو ان جا شاهد موجود آهن، مريم ڀيل جي سئوٽ چيو ته اسان اڳ ويجو کي چيو ته زال سان نه ٿو ٺهين ته کيس مائٽن ڏانهن موڪلي ڇڏ، تشدد نه ڪندو ڪر پر هن ڳالھه نه مڃي ۽ ان جو نتيجو برو نڪتو، اهڙي بيان بعد سنڌڙي پوليس شڪ ۾ عورت جي مڙس ويجو ڀيل کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.
صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ نوٽيس ورتو، متاثر خاندان جي سهائتا جي هدايت
ميرپورخاص: صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ ڳوٺ ولي محمد مڱريو واقعي جو نوٽيسوٺندي ڪمشنر ميرپورخاص کي فوري طور متاثر خاندان جي سهائتا ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، ذريعن موجب حد جي سنڌڙي پوليس واقعي ۾ گھريلو جھيڙو هجڻ جو شڪ پڻ ظاهر ڪري رهي آهي جنهن جي لاءِ پوليس متاثر گھر مان شاهديون گڏ ڪري باھ لڳڻ جي سببن سميت گهڻ رخي جاچ شروع ڪري ڏني آهي ۽ سڙي ويلن جو پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي اڳتي وڌائي ويندي.
آخر ڳورهاري زال ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڇو ڪندس؟: پورهيت
ميرپورخاص: گرفتاري بعد ويجو ڀيل چيو ته سندس مٿان ڪوڙو الزام هنيا پيا وڃن آءُ پنهنجي ڳورهاري زال ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڇو ڪندس؟ باھ لڳڻ تي مون پنهنجن ٻارن ۽ زال کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ منهنجا هٿ پير پڻ سڙيل آهن، مون هڪ ٻار کي زخمي حالت ۾ گھر مان ڪڍيو جيڪو علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿيو، جيڪڏهن آءُ باھ لڳايان ها ته بچائڻ جو ڪوشش ڪندي پنهنجي حياتي ڇو داءُ تي لڳايان ها.