ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار عامر خان جي ٻنهي اڳوڻين گهروارين طرفان گڏ عيد ملهائڻ واريون تصويرون منظرعام تي اچي ويون.
فلمساز ڪرن رائو پنهنجي مڙس عامر خان جي گهرڀاتين سان گڏ عيد جون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، جن ۾ عامر جي اڳوڻي گهرواري رينا دتا سان گڏ هڪ سيلفي به شامل آهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
ڪرن رائو جي پوسٽ ۾ عامر جي ماءُ زينت حسين، سندس ڀينرون نکت هيگڙي ۽ فرحت دتا به موجود آهن، جڏهن ته عامر خان ڪنهن به تصوير ۾ نظر نه آيو.
ڪرن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”امان جي گهر عيد! جيڪا سڀ کان بهترين ۽ خوبصورت ميزبان آهي، اسان اميد ۽ دعا ڪيون ٿا ته هي سال سڀني لاءِ امن ۽ خوشيون آڻيندو.“
سوشل ميڊيا واهپيدارن ڪرن رائو ۽ سندس ڪٽنب کي عيد جي مبارڪ ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڪجهه واهپيدار عامر خان جي ٻنهي اڳوڻين گهروارين کي گڏ ڏسي وائڙا ٿي ويا.
عامر خان جي ٻنهي اڳوڻين گهروارين طرفان گڏ عيد ملهائڻ جون تصويرون وائرل، مداح وائڙا ٿي ويا
You might also like