فواد خان جي 9 سالن بعد بالي ووڊ ۾ واپسي، ڀارت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) راج ٺاڪري جي جماعت مهاراشٽر نو نرمان سينا (ايم اين ايس) فواد خان جي نئين فلم ’عبير گلال‘ جي رليز جي مخالفت ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 2023 ۾ ڀارتي عدالت شيو سينا جي جماعت جي اپيل رد ڪندي پاڪستاني فنڪارن تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي، پر هندو انتهاپسندن ان فيصلي کي نه مڃيندي پاڪستاني فنڪارن تي پابندي برقرار رکي آهي.
ان سبب 2018ع کانپوءِ ڪنهن به پاڪستاني فنڪار کي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو آهي.
فواد خان ۽ واني ڪپور جي فلم ’عبير گلال‘ جو ٽيزر سامهون اچڻ کانپوءِ ايم اين ايس جي ترجمان اميه خوپڪر چيو آهي ته فلم ۾ پاڪستاني فنڪار جي موجودگي سبب ان جي رليز نه ٿيندي.
هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ اهڙين فلمن کي مهاراشٽر ۾ رليز ٿيڻ نه ڏينداسين جن ۾ پاڪستاني فنڪار شامل هوندا، وڌيڪ تفصيل جلد جاري ڪيو ويندو.
هندو انتهاپسند جماعت شيو سينا جي اڳواڻ سنجي نروپم به ايم اين ايس جي موقف جي حمايت ڪئي آهي ۽ وضاحت ڪئي ته ڀارت ۾ پاڪستاني فنڪارن جي شموليت جو بائيڪاٽ ڪيو.
فواد خان اٺن سالن کانپوءِ رومانوي ڪاميڊي فلم ذريعي بالي ووڊ ۾ واپسي ڪري رهيو آهي، پر فلم جو ٽيزر رليز ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي سوشل ميڊيا تي انتها پسند هندو تنظيمن طرفان ”بائيڪاٽ پاڪستاني فنڪار“ جو هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.