هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ) جي پليٽفارم اوپن اي آءِ جي ”جي پي ٽي فور“ گِبلي اسٽائل ۾ تصويرون يعني پورٽريٽ ٺاهڻ وارو فيچر ايندي ئي عالمي سطح تي ڇائنجي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، واهپيدار چيٽ جي پي ٽي تي ڌڙا ڌڙ تصويرون اپلوڊ ڪري رهيا آهن ۽ تصويرن کي مخصوص اينيمي انداز ۾ تبديل ڪرڻ جو چون ٿا.
اصل ۾ هاڻي جي پي ٽي جي نئين فيچر ذريعي تصويرون ”گِبلي آرٽ“ ۾ تبديل ڪري سگهجن ٿيون، اِهو ئي سبب آهي جو سوشل ميڊيا تي گِبلي پورٽريٽ وائرل ٿي رهيا آهن.
گِبلي آرٽ ڇا آهي؟
گِبلي آرٽ جپاني اسٽوڊيو گِبلي جو هڪ خاص انداز آهي، جيڪو 1985ع ۾ هائو ميازاکي، اسائو ٽاڪاهاٽا ۽ توشيو سوزوڪي طرفان قائم ڪيو ويو هو.
گِبلي آرٽ ذريعي هٿ سان ٺاهيل اينيميشن تيار ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ تفصيل سان پسمنظر ۽ جذباتي ڪهاڻيون شامل ڪيون وينديون آهن.
گِبلي ليبيا ۾ ڳالهائي ويندڙ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي مطلب ” گرم صحرائي هوا “ آهي.
گِبلي پورٽريٽ اهڙين تصويرن کي چيو ويندو آهي جنهن کي گبلي اسٽوڊيو جي انوکي انداز ۾ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ هاڻي اوپن اي آءِ جي نئين فيچر ذريعي واهپيدار تصويرون اپلوڊ ڪري انهن کي گِبلي آرٽ ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا.
آمريڪا ۾ اٽڪل 72 سيڪڙو ماڻهو باقاعدگي سان جپاني اينيمي ڏسن ٿا، جنهن سبب هي ٽرينڊ تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.
ڀارت ۽ پاڪستان جا سوشل ميڊيا واهپيدار به گِبلي آرٽ ۾ تصويرون شيئر ڪري رهيا، جن ۾ ورات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما، نصرت فتح علي خان ۽ سندس ساٿي، بالي ووڊ فلمي منظرن جون تصويرون شامل آهن.
هي فيچر في الحال چيٽ جي پي ٽي جي مفت واهپيدارن لاءِ دستياب ناهي، پر ان باوجود هو هيٺين طريقي سان گبلي آرٽ ۾ تصويرون ٺاهي سگهن ٿا.
گِبلي اسٽائل جون تصويرون تيار ڪرڻ جو طريقو
گِبلي اسٽائل واريون تصويرون تيار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان ”چيٽ جي پي ٽي“ جي ويب سائيٽ يا ايپ کوليو.
اتي هيٺ موجود + سائن تي ڪلڪ ڪري پنهنجي پسند جي تصوير اپلوڊ ڪريو.
ان کانپوءِ ”turn this image in Studio Ghibli theme“ لکي سينڊ بٽڻ دٻايو.
ڪجهه لمحن ۾ ” چيٽ جي پي ٽي “تصوير کي گِبلي اسٽائل ۾ تبديل ڪري ڏيندو، جنهن کي ڊائون لوڊ ڪري توهان ڪٿي به استعمال ڪري سگهو ٿا.
اوپن اي آءِ طرفان ان حوالي سان باظابطا اعلان نه ڪيو ويو آهي، پر ڪجهه رپورٽن موجب مفت واهپيدار روزانو بنيادن تي 3 گِبلي اسٽائل تصويرون ٺهرائي سگهن ٿا.