بلوچستان جي ترقي وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي ۽ عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني .
وزيراعظم ۽ بلوچستنا جي وڏي وزير جي ملاقات دوران بلوچستان جي موجوده اقتصادي، سماجي ۽ امن و امان جي صورتحال بابت ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان بلوچستان لاءِ جاري ترقياتي منصوبن بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وزيراعظم کي صوبائي ترقي سان لاڳاپيل منصوبن جي موجوده صورتحال بابت آگاهي ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي، صوبائي ترقي وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي ۽ بلوچستان جي ترقي لاءِ جوڳا قدم کنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.