آمريڪا ايراني ڊرون نيٽ ورڪ تي پابنديون مڙهي ڇڏيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا طرفان ايران جي ڊرون نيٽ ورڪ تي پابنديون مڙهيون ويون آهن.
آمريڪا پاران گڏيل عرب امارات ۽ چين جي ڪمپنين تي به پابنديون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته ايران سميت عرب امارات ۽ چين جي 6 ادارن ۽ 2 ايراني شهرين تي سنگين الزام هنيا ويا آهن.
آمريڪا جو چوڻ آهي ته اهي ادارا ۽ ڪمپنيون ايران کي ڊرون جا پرزا فراهم ڪري رهيا هئا.
آمريڪي پرڏيهي ۽ انصاف واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايران دهشتگردن ۽ روس کي ڊرون فراهم ڪري رهيو آهي.
آمريڪي انصاف واري وزارت موجب، ايراني شهرين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.