اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان سڀاڻي بجلي جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو اعلان امڪان آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم سڀاڻي پاور سيڪٽر جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي اهم خطاب ڪندو، جڏهن ته امڪان آهي ته هو بجلي جي اگهن ۾ نمايان لاٿ جو اعلان پڻ ڪندو.
ذريعن موجب، اجلاس سڀاڻي منجهند 2 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ اهم وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل اختياريون شريڪ ٿينديون.
You might also like