چيٽ جِي پِي ٽِي جي نئين فيچر ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

اوپن اي آءِ جي سربراهه سيم آلٽمن موجب، ”جي پي ٽي-4 او اميج جنريشن“ وارو نئون فيچر جاري ٿيڻ کانپوءِ چيٽ جي پي ٽي جي مقبوليت ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي.
اي آءِ اسسٽنٽ، جيڪو هاڻي ايپ جي مفت واهپيدارن لاءِ به دستياب آهي، پنهنجي جي پي ٽي -4 او ماڊل لاءِ هڪ ڪلاڪ دوران 10 لک نوان واهپيدار حاصل ڪري رهيو آهي.
آلٽمن، سومر ڏينهن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته 26 مهينا اڳ چيٽ جي پي ٽي جي متعارف ڪرائڻ سڀ کان ڀوائتن وائرل لمحن مان هڪ هو، ان وقت پنجن ڏينهن ۾ 10 لک واهپيدار وڌيا هئا، جڏهن ته هاڻي هڪ ڪلاڪ ۾ ئي 10 لک نوان واهپيدار شامل ٿي رهيا آهن.
اوپن اي آءِ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيٽ جي پي ٽي جو تازو فيچر نه رڳو خوبصورت، پر انتهائي ڪارائتو پڻ آهي، جيڪو واهپيدارن کي انتهائي تفصيلي تصويرون، لوگو ۽ ٻيا اميجز ٺاهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
اوپن اي آءِ جي هڪ بلاگ پوسٽ موجب، جي پي ٽي -4 او اميج جنريشن متن کي صحيح نموني پيش ڪرڻ، اشارن تي عمل ڪرڻ ۽ 4 او جي بنيادي ڄاڻ سان گڏوگڏ چيٽ جي پسمنظر مان فائدو وٺڻ ۾ مهارت رکي ٿو، جنهن ۾ اپلوڊ ٿيل تصويرن کي تبديل ڪرڻ يا ترغيب طور استعمال ڪرڻ شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.