هملٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ڪنڊيشن سٺي نه آهي.
نيوزيلينڊ خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ شڪست کانپوءِ ڳالهائيندي ڪپتان چيو ته فهيم اشرف ۽ نسيم شاهه بهترين بيٽنگ ڪئي، پر مجموعي طور تي اسان جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي.
هن چيو ته اسان جا بالر اميدن تي پورو نه لٿا، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي بالرن شاندار بالنگ ڪئي، هتان جي ڪنڊيشن چئلينجنگ آهي، پر اهو ڪو بهانو نه آهي، اسان ڪافي عرصي کان اهم موقعا وڃائي رهيا آهيون.
محمد رضوان جو چوڻ هو ته اسان بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ شروعاتي 10 اوور سٺي نموني نه کيڏي سگهياسين.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.