نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ۾ پاڪستان کي 84 رنسن تان هارائي سيريز کٽي ورتي

هملٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 84 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
هملٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو پهرين ميچ وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر غلط ثابت ٿيو.
نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 292 رنسون ٺاهيون.
هڪ موقعي تي نيوزيلينڊ جا پنج رانديگر 132 جي اسڪور تي آئوٽ ٿي چڪا هئا، پر مچل هِي ۽ پاڪستان ڄائي محمد ارسلان عباس جي ڀائيواري ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪئي.
نيوزيلينڊ طرفان مچل هِي 78 بالن تي 99 رنسن ٽاپ ڪلاس ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، محمد ارسلان عباس به زبردست بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 66 بالن تي 41 رنسون ٺاهيون.
پاڪستاني جي سفيان مقيم 2 ۽ محمد وسيم 2، جڏهن ته فهيم اشرف، عاقب جاويد ۽ حارث رئوف هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
نيوزيلينڊ جي 293 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پاڪستاني بيٽرن جي بدترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رهيو ۽ 12هين اوور ۾ رڳو 32 رنسن تي اڌ ٽيم پويلين موٽي چُڪي هئي.
اوپنر عبد الله شفيق هڪ ۽ امام الحق 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، اڳوڻو ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم به هڪ رنس ٺاهي سگهيو جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 5 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
نائب ڪپتان سلمان علي آغا به وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو، ان کان پوءِ طيب طاهر ۽ فهيم اشرف ڪيوي بالرن خلاف ٿوري مزاحمت ڏيکاري، پر طيب طاهر به رڳو 13 رنسون ٺاهي سگهيو ۽ پاڪستان جي ڇهين وڪيٽ 65 رنسن تي ڪِري پئي.
محمد وسيم به جلد ئي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته حارث رئوف کي هيڊ انجري سبب ميدان ڇڏڻو پيو، ان کانپوءِ عاقب جاويد 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
حارث رئوف جي جاءِ تي نسيم شاهه بيٽنگ لاءِ آيو، جنهن فهيم اشرف سان گڏجي نائين وڪيٽ لاءِ 60 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي ۽ ٻئي پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي پهرين ففٽي اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا فهيم اشرف 73 ۽ نسيم شاهه 51 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
اهڙي ريت پاڪستاني ٽيم 42هين اوور ۾ 208 رنسن تي آل آئوٽ ٿي ويئي.
نيوزيلينڊ طرفان بين سيئرز 5 شڪار ڪيا، مچل هِي 99 رنسون ٺاهڻ ۽ 4 ڪيچ پڪڙڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته پهرين ميچ ۾ به نيوزيلينڊ پاڪستان کي 73 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به پاڪستان کي 1-4 تان ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.