اسلام آباد(نجم سيٺي) ملڪ کي درپيش جيڪي به مسئلا آهن ان جو جلد يا دير سان سياستدانن کي ويهي ڪري حل ڪڍڻو پوندو، ان جا ٻه حل ٿي سگهن ٿا هڪ پارليامينٽ اندر ٻيو ٻاهر، ٻاهر جيڪو به حل نڪرندو اهو پائيدار نه هوندو نه وري قبوليت ماڻيندو، پارليامنيٽ اندڙ چونڊون ڪرائڻ ، ڪهڙيون سياسي ڌريون چونڊن ۾ حصو وٺنديون ۽ اڳتي هلي ڪهڙي هائبرڊ نطام کي قبولڻو آهي ان بابت ويچار ٿي سگهي ٿو.هائبرڊ ماڊل کي هٽائڻ ڏکيو آهي. جڏهن کان عمران خان ”هڪ صفحي وارو“ هائبرڊ ماڊل آندو آهي اهو ته عمران خان جي رخصتي سان هليو ويو پر ان کانپوءِ جيڪو هائبرڊ ماڊل هاڻي هلي رهيوآهي اهو وڌيڪ سخت آهي.هائبرڊ ماڊل کي تسليم ڪرڻو پوندو ان لاءِ ڪو رستو ڪڍڻو پوندو.عمران خان هجي ن ليگ يا پ پ انهن سڀني هائبرڊ ماڊل کي قبولي ورتو آهي.عمران خان جي آزادي ۽ آرمي چيف جي توسيع بابت غور ڪرڻو پوندو.ملڪ تڏهن بچي سگهندو جڏهن انهن مسئلن جا حل ڪڍيا ويندا.سخت گير رياست ۾ سرحدن تي سختي وڌي ويندي، ميڊيا ۾جيڪي ماڻهو بدنظمي پيدا ڪري رهيا آهن انهن خلاف وٺ پڪڙ ٿيندي.رياست مٿان حملو ڪندڙ ۽ رياست کي قبول نه ڪندڙن خلاف سخت ڪارروايون ٿينديون.خاص قانون ان حوالي سان جڙندا.ملڪ اندر هر ننڍي وڏي لاءِ هڪ قانون هئڻ وارو خواب اسان پنهنجي زندگي ۾ پورو ٿيندي نظر نه ٿو اچي.