احمدپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ، نينگر قتل

احمدپور (مختيار علي ميتلو) احمدپور لڳ ڳوٺ وڏا پنھيار ڀرسان ھٿياربندن گوليون هڻي 10 سالن جي نينگر علي رضا پٽ علي احمد ميتلو کي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي احمدپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ نينگر جي پيءُ علي احمد ميتلو جو چوڻ هو ته اسان پيءُ پٽ ٻئي تلو ڀانڊو پنهنجي مائٽن ڏانهن ويا ھئاسين جتان ڳوٺ واپس اچي رھيا ھئاسين ته ھٿياربندن حملو ڪري سڌيون گوليون هڻي سندس معصوم پٽ کي بيگناھ بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف پوليس جو چوڻ هو ته ميتلا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ٻڌايو وڃي ٿو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون،  حقيقت سامهون اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.