ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ نظر اچڻ کان پوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ ٻارن سميت ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا، شوال جو چنڊ ڏسڻ جي خوشي ۾ شهرين هوائي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڪراچي جي مختلف علائقن لياري، قصبا ڪالوني، ميانوالي ڪالوني، فرنٽيئر ڪالوني، ناظم آباد ۽ اورنگي ٽائون ۾ هوائي فائرنگ جا واقعا پيش آيا، جنهن ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، سمورن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ريسڪيو عملدارن موجب اورنگي ٽائون ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 9 ورهين جي آسيا، 35 ورهين جي نوشين ۽ 11 ورهين جي ارم شامل آهن.