ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آھي ته سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف پھرين اپريل کان چار اپريل تائين پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، وزيراعليٰ سنڌ سلطان راھي ٿيڻ بدران سنڌ جو حلالي پُٽ ٿي ڪري ڪئنال رد ڪرائڻ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪرائي ۽ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ کان واپس ڪرائي. پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي، 15 ضلعن ۾ ڏڪاري حالتون ڊڪليئر ڪيون ويون آھن ٺٽي کان ڪشمور ۽ مٺي کان سکر تائين پاڻي جو بحران آھي، سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي، پاڻي نه ھئڻ سبب زراعت مڪمل ختم ٿي وئي آھي، درياءِ جي کاٻي پاسي فصل پوکڻ لاءِ به منع ڪئي وئي آھي، پ پ پ ۽ ن ليگ جي وفاقي حڪومت ڪئنالن جي منصوبي ٺاھڻ تي بضد آھي. ھن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ پاران پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل کليل ناڪامي جو اعتراف سنڌ جي ماڻھن جي ڪاميابي آھي، پ پ پ وارا مسلسل ڪوڙ ڳالھائي رھيا آھن، صدر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪئنالن جي اصولي منظوري ڏني وئي، ھاڻي چون ٿا ته ميٽنگ جا منٽس غلط جاري ڪيا ويا آھن، جيڪڏھن غلط منٽس جاري ٿيا آھن ته ڪنھن جي خلاف ڪا ڪاروائي ٿي آھي. ھن چيو ته جيئي سنڌ محاذ تڪراري ڪئنالن خلاف مسلسل جدوجھد ڪري رھي آھي، پھرين اپريل کان 4 اپريل تائين پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. جڏھن ته 4 اپريل تي ڄامشورو، مورو ۽ نصيرآباد ۾ پنجاب ڏانھن ويندڙ رستا بند ڪري ڌرڻا ھنيا ويندا، ڌرڻن سبب ڳڙھي خدا بخش ڏانھن ويندڙ قافلن کي رستا ڏنا ويندا. ھن چيو تہ پ پ پ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي کي وڪرو ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿي چڪا آھن، پ پ جي چالبازين کي سنڌي ماڻھو سمجھي چُڪا آھن. ان موقعي تي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، الاھي بخش چاچڙ ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود ھئا.