ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته عيد الفطر دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيئن ملهائي ويندي آهي؟هي اسلامي ڪيلنڊر جو هڪ اهم ڏينهن آهي، جيڪو رمضان المبارڪ جي روزن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ايندو آهي.پر هر ملڪ ۾ هن جي پنهنجي سڃاڻپ ۽ الڳ الڳ رنگ هوندا آهن، جيڪي ان جي ثقافت، روايتن ۽ کاڌن جي لحاظ سان منفرد بڻائين ٿا.
عيد الفطر رمضان جي روزن جي مڪمل ٿيڻ تي ملهائي ويندي آهي.ڏينهن جي شروعات عيد جي نماز سان ٿيندي آهي، جيڪا وڏي ميدانن يا مسجدن ۾ ادا ڪئي ويندي آهي. عيد جو اصل مقصد فقط خوشيون ملهائڻ نه آهي،پر ان سان گڏوگڏ ضرورتمند ماڻهن جو خيال رکڻ به شامل آهي.ان ڪري، عيد کان اڳ زڪوات يا فطرو ڏيڻ لازمي هوندو آهي، جيئن معاشري جي هر فرد تائين خوشيون پهچي سگهن.
دنيا ۾ عيد جون رنگين روايتون
عيد هڪ عالمي جشن آهي، پر ان جو ذائقو هر ملڪ ۾ الڳ آهي.ڪنهن هنڌ مٺين شين جي بهار ٿيندي آهي ته ڪنهن هنڌ دلچسپ راندين جو مزو ورتو ويندو آهي.اچو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عيد جا رنگ ڏسون.
ترڪي: هتي عيد کي "شڪر بيرامي” سڏين ٿا، جنهن جو مطلب آهي "مٺاڻ جو تھوار”. ماڻهو هڪ ٻئي کي مٺايون ڏيندا آهن.خاص طور تي "بڪلاوا” تمام مشهور آهي،جيڪو مکڻ، ماکي ۽ سڪل ميوي سان ٺهندو آهي.
عراق ۽ سعودي عرب: هتي عيد جي موقعي تي "ڪليلچس” نالي بسڪٽ ٺهندا آهن، جن کي کجور ۽ مختلف ميون سان ڀريو ويندو آهي ۽ مهمانن کي پيش ڪيو ويندو آهي.
يمن: يمن ۾ "بنت السحن” نالي مٺو ڪيڪ مشهور آهي، جيڪو ماکي سان ٺاهيو ويندو آهي.
روس: هتي عيد تي "ماني” نالي کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪو مڇيءَ سان ڀريل ڊمپلنگس هوندا آهن.
چين: چين ۾ عيد تي "يو زيانگ” نالي پيسٽري ٺهندي آهي، جيڪا تحفي طور به ڏني ويندي آهي.
بنگلاديش: هتي عيد تي "قورمه” ۽ "نمڪين پٽ” مشهور طعام آهن.
نائجيريا: نائجيريا ۾ عيد جي مبارڪباد "بالا دا سالا” چيو ويندو آهي ۽ مٺا کاڌا تيار ڪيا ويندا آهن.
ملائيشيا: ملائيشيا ۾ عيد کي "هري ريا” چيو ويندو آهي، ۽ ان ڏينهن تي مزي مزي جا کاڌا تيار ٿيندا آهن.
افغانستان: هتي "ٽوخم جنگي” نالي هڪ دلچسپ روايت آهي، جنهن ۾ سخت اٻريل انڊن کي رنگين ڪري، انهن کي ٽوڙڻ جو مقابلو ٿيندو آهي.
انڊونيشيا: هتي عيد "ليبرن” نالي مشهور آهي، ۽ ماڻهو پنهنجي اباڻن ڳوٺن ڏانهن واپس وڃن ٿا ته جيئن پنهنجي پيارن سان گڏ عيد ملهائي سگهن.
مصر: هتي عيد تي خاص "ڪحڪ” نالي مٺائي تيار ڪئي ويندي آهي، ۽ ان مان ذائقيدار بسڪٽ پڻ تيار ڪيا ويندا آهن، جن ۾ سڪل ميوا ۽ ماکي ڀريل هوندي آهي.
سوڊان: هتي عيد تي خاص "آسيڊا” نالي مٺو کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪو اٽي، ماکي ۽ مکڻ سان ٺاهيو ويندو آهي.
ڀارت: ڀارت ۾ عيد تي "شِير خرما” تمام مشهور آهي، جيڪو سيون، کير، کنڊ سان تيار ٿيندو آهي.
فلسطين : هتي عيد تي "معموله” نالي مٺائي عام هوندي آهي، جيڪا کجور ۽ ماکيءَ سان ٺهندي آهي.
اردن: هتي عيد تي "منسف” نالي مشهور کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪو چانور، گوشت ۽ جميڊ (سڪل دهين) سان ٺاهيو ويندو آهي.
الجزائر: هتي عيد تي "مقروت” نالي مٺائي عام آهي، جيڪا کجور، ماکي ۽ ترن سان تيار ڪئي ويندي آهي.
صوماليا: صوماليا ۾ عيد جي موقعي تي "ڪدام” نالي گوشت جي ڊش تيار ڪئي ويندي آهي، جيڪا مقامي مصالحن سان تيار ٿيندي آهي.
ازبڪستان: هتي عيد تي "پلو” نالي کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪو چانورن، گوشت ۽ گاجرن سان ٺاهيو ويندو آهي.
مراڪش: مراڪش ۾ عيد جي دعوتن ۾ "بغرير” نالي پينڪيڪ مشهور آهن، جيڪي ماکي ۽ مکڻ سان کاڌا ويندا آهن.
عيد جا ڪجهه دلچسپ پهلو
عيد جي حوالي سان ڪجهه اهڙيون روايتون آهن، جيڪي شايد توهان لاءِ نيون هجن. مثال طور، ڪيترائي ماڻهو عيد جي نماز کانپوءِ گهر وڃڻ لاءِ الڳ رستو اختيار ڪندا آهن ته جيئن وڌيڪ ماڻهن سان ملي سگهن. مختلف ملڪن ۾ عيد جا نالا به مختلف آهن، جيئن ملائيشيا ۾ "هري ريا”، انڊونيشيا ۾ "ليبرن”، ۽ آذربائيجان ۾ "رمضان بيرامي”.
عيد تي کاڌي جو خاص خيال رکيو ويندو آهي.کاڌي جو ذائقو هر ملڪ ۾ پنهنجي ثقافت جو عڪس هوندو آهي.مثال طور، روس ۾ "ماني”، بنگلاديش ۾ "قورمه”، ۽ چين ۾ "يو زيانگ” خاص طعام آهن. ان کانسواءِ، ڪيترن ئي ملڪن ۾ عيد جي موقعي تي خاص مشروب به تيار ڪيا ويندا آهن، جيئن ته "لبنان” ۾ مٺي قهوا ۽ "مصر” ۾ "تمر حندي”.
عيد الفطر رڳو هڪ تھوار ناهي، پر هڪ اهڙو جذبو آهي، جيڪو هر ملڪ ۾ پنهنجي رنگن سان ظاهر ٿئي ٿو.ڪٿي مٺاڻ جو ذائقو، ڪٿي رنگين انڊن جو مقابلو، ته ڪٿي مقامي ٻوليءَ ۾ مبارڪبادون—هر شيءِ عيد کي يادگار بڻائي ٿي.عيد صرف ذاتي خوشي نه آهي، پر اهو وقت آهي جڏهن اسان پنهنجن مائٽن، دوستن، پاڙيسرين ۽ ضرورتمند ماڻهن سان پنهنجون خوشيون ورهائي سگهون ٿا. اچو ته هن عيد تي، نه رڳو پنهنجي ويجهن ماڻهن سان خوشيون ملهايون، پر انهن جي به مدد ڪريون، جيڪي اسان جي سهاري جا منتظر آهن.