عمران خان نوبل انعام لاءِ نامزد؟پي ٽي آءِ جو نئون شوشو

اسلام آباد(طلعت حسين+منصور علي خان)پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ڪوڙي پروپيگنڊا جو سلسلو جاري رکيو اچي،تازو ان سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي آهي ته اسان پي ٽي آءِ باني عمران خان کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪرائي ڇڏيو آهي، ان تي ردعمل به اچڻ شروع ٿي ويو آهي، صارفن جواب ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته امن جي نوبل انعام لاءِ نامزدگين جي تاريخ ته گذري چڪي آهي،توهان ڪيئن ان طرح ڪرائي سگهو ٿا؟پي ٽي آءِ هاڻي اميدون لڳائي ويٺي آهي ته عمران خان کي جيڪڏهن امن جو نوبل انعام ملي وڃي  ٿو ته پوءِ آرمي چيف ۽ شهبازشريف ڇا ڪندا؟ ايترو وڏو اعزاز رکندڙ جيل ۾ ته نه رکي سگهندا؟حالانڪه حقيقت اها آهي ته سياسي مزاحمت ڪري امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ اڳواڻن کي جيترا جيل ڪاٽڻا پيا آهن اها انهن کي خبر ئي ناهي،امن جو نوبل انعام ملڻ جو مطلب اهو ناهي ته توهان جا مسئلا حل ٿي ويندا، رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ پي ٽي آءِ هڪ شوشو ڇڏي هيجان برپا ڪري ڇڏيو آهي،هزارين لکين ماڻهو ان فضول بحث ۾ شريڪ ٿي ويا آهن اهڙي بحث جنهن جو نه سر آهي نه پير آهي وڏي ڳالهه ته مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان به ٽوئيٽ ڪئي ته عمران خان صاحب کي نوبل انعام لاءِ نامزد ٿيڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، هو پاڪستان ۾ جمهويت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ مسلسل مزاحمت ڪري رهيو آهي،اصل ۾ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان هڪ ناروي جي سينٽرم پارٽي جي اڳواڻ گيئر لپ اسٽارٽ سان هڪ پي ٽي آءِ عورت اڳواڻ ثمينه تاغي جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي،ان پارٽي ناروي ۾ 2021ع جي چونڊن ۾ 0.2 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا هئا،ان پارٽي جو اسيمبلي اندر ڪو به ماڻهو ناهي،ان پارٽي جي اڳواڻ اعلان ڪيو ته اسان عمران خان کي نوبل انعام لاءِ ڪنهن سان الائنس ڪري گڏجي نامزد ڪري رهيا آهيون اصل ۾ ان وڊيو ۾ به وڏي مهارت سان هڪ ڪٽ هنيو ويو آهي،جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ٻاهرين ملڪ فرار اڳواڻ شهباز گل آڪٽوبر 2024ع ۾ گيئر لپ اسٽارٽ سان ملاقات جي وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي ان ملاقات ۾ شهباز گل پي ٽي آءِ ۽ ناروي جي ان ننڍڙي پارٽي سان ايم او يو تي صحيح به ڪئي هئي ٻئي پاسي نوبل انعام جي ويب سائٽ تان مليل تفصيلن موجب 31 جنوري تائين 338 نامزدگيون ملي چڪيون آهن انهن مان 244 انفرادي ۽ 94 تنظيمون شامل آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.