ڪراچي/حيدرآباد (پ ر) مستونگ ۾ بي اين پي (اختر مينگل) جي ڌرڻي ۾ ٿيل خودڪش حملي جي عوامي تحريڪ طرفان مذمت. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پر امن جلسن، احتجاجن ۽ ڌرڻن جي سيڪيورٽي جي ذميوار حڪومت آهي، رياست جي آئيني ذميواري آهي ته هر شهري جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي، بي اين پي جي ڌرڻي ۾ ٿيل خودڪش حملو حڪومت جي لاپرواهي جو نتيجو آهي، حڪومت هيڏي وڏي واقعي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه پاران بلوچستان نيشنل پارٽي جي شروع ڪيل لانگ مارچ ۾ خودڪش حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندس سيڪيورٽي جو مطالبو ڪيو آهي.سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته بلوچستان نيشنل پارٽي بلوچستان جي حقن ۽ بلوچ نوجوان کنڀل ڪارڪنن ۽ گرفتار نياڻين جي آزاديءَ لاءِ جيڪا پرامن لانگ مارچ جي شروعات ڪئي آهي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ٿي،هن وڌيڪ چيو ته بلوچ قوم هن وقت پنهنجي وسيلن جي مالڪي ۽ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد واري عمل مان گذري رهي آهي ۽ سنڌ جو عوام سندن ان مطالبي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ٿو.ماھ رنگ بلوچ، سمي دين بلوچ سميت سوين ڪارڪن هن وقت جيلن جي پٺيان آهن جن جو مطالبو صرف ايترو آھي ته بلوچستان جي وسيلن تي ان جي مالڪي تسليم ڪئي وڃي ۽ هزارين کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي