مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت هونئن ته سدائين سنڌ ڏانهن دشمني وارو وريو رکيو آهي جنهن جا اهي به ڪارڻ ٿي سگهن ٿا ته اسٽيبلشمينٽ جو سنڌ ڏانهن ڪڏهن به پنهنجائپ وارو رويو ناهي رهيو ۽ مسلم ليگ (ن) اها جماعت آحي جنهن کي ضيا الحق جي دور ۾ پ پ جي ووٽ بينڪ کي ٽوڙڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو. سو سنڌ ۾ جيئن ته مسلم ليگ (ن) کي ڪڏهن به اڪثريتي طور تي ووٽ نه پيا آهن ۽ هن صوبي ۾ پ پ کي اڪثريتي بنياد تي ووٽ ملندا رهيا آهن ته اهو به ممڪن آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان ڪري به سنڌ کي نظرانداز ڪندي هجي ته جيئن پ پ جو ووٽ بينڪ خراب ٿئي. پر هاڻ جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت ۾ پ پ به اتحادي آهي ۽ پ پ جي حمايت سبب ئي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قائم آهي ته اهڙي صورت ۾ مسلم ليگ (ن) جو سنڌ ڏانهن تڪراري رويو حيرت جوڳو آهي.
مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت پنجاب ۾ سنڌوءَ مٿان ڇهن ڪئنالن جو منصوبو آڻي هڪ ته سنڌي عوام کي سراپا احتجاج بڻائي ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ پ پ جي سياسي پوزيشن به تڪراري بڻائي ڇڏي آهي ۽ هوڏانهن مسلم ليگ (ن) حڪومت جي وزيرن جي بيانن مان به اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته انهن کي سنڌي عوام جي ڪاوڙ ۽ احتجاج جي ڪا پرواهه ئي ناهي. سنڌي عوام جي ته ان کي ڪا پرواهه ناهي پر حيرت آهي ته پ پ جي ناراضگي يا حڪومت جي حمايت ختم ڪرڻ جي به کين ڪا پريشاني نظر نه ٿي اچي، شايد ان ڪري به جو اسٽيبليشمينٽ جي کين پٺڀرائي آهي.
مسلم ليگ (ن)جي وفاقي حڪومت جو سنڌي عوام ۽ پ پ جي پرواهه نه ڪرڻ جو هڪ مثال وفاقي اداري ايڪنڪ جو تازو ٿيل هڪ اجلاس آهي جيڪو احسن اقبال جي صدارت ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ لاهور ساهيوال ۽ بهاولپور تائين جي موٽروي جي منظوري ته ڏني وئي آهي پر حيدرآباد کان سکر واري اعلانيل موٽروي رٿا نظرانداز ڪئي وئي آهي يا رد ڪئي وئي آهي. اهڙو اطلاع به سعيد غني صاحب هڪ بيان ۾ ڏنو ته ايڪنڪ اجلاس ۾ جڏهن مون وفاقي وزير احسن اقبال کي حيدرآباد سکر موٽروي جو منصوبو ياد ڏياريو ته موصوف فرمايو ته هتي سياسي ڳالهيون نه ڪيون وڃن. اها ڪيڏي نه عجيب ۽ مذمت جوڳي آهي ته پنجاب جي موٽروي تي ڳالهائجي ته غير سياسي عمل آهي پر جي سنڌ جي منصوبن تي ڳالهائجي ته سياسي معاملو ٿي ويو.
ايڪنڪ جي ان اجلاس بابت جيئن جيئن رپورٽون ظاهر ٿيڻ لڳيون تيئن تيئن سنڌ ۾ سياسي ڌرين ۽ پ پ جي اڳواڻن پڻ وفاقي حڪومت جي ان رويي تي افسوس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو ته هڪ پاسي وفاقي حڪومت ڪئنالن جي منصوبن تي سنڌي عوام ۽ پ پ کي ڪاوڙائي وڌو آهي ته هاڻي وري حيدرآباد سکر جي موٽر وي تان هٿ کڻي پڻ سنڌي عوام کي ڪاوڙ ائي وڌو آهي ايئن وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه صوبن جيان سنڌ سان به ويڇا وڌائڻ شروع ڪيا آهن.
سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي حڪومت اهڙي ماحول ۾ جتي سنڌ جو عوام هونئن ئي ڪئنالن جي تڪراري منصوبن تي کانئن ناراض آهي ته ان کي وفاقيت جي مفاد ۾ سرچاءُ واري پاليسي تي عمل ڪرڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته اڃان به انهن کي ناراض ڪري. ان پس منظر ۾ جيڪڏهن وفاقي حڪومت چاهي ها ته حيدرآباد سکر واري موٽروي جي تعمير لاءِ اڳڀرائي ڪري اهو تاثر ڏئي ها ته وفاق سنڌ کي به پنهنجو سمجهي ٿو ۽ پ پ جيئن ته تمام وڏي اتحادي جماعت به آهي ته سنڌ لاءِ به پنجاب وانگر حڪومت ترقياتي ڪمن لاءِ سوچي ٿي. پر افسوس ته ايئن ناهي. پ پ جي سنڌ حڪومت کي شروع کان وفاقي حڪومت کان اها شڪايت رهي آهي ته اها سنڌ سان ترقياتي ڪمن ۾ ڪو مالي سهڪار نه ٿي ڪري. سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا سڀ منصوبا رولڙي جو شڪار آهن، وفاقي حڪومت طرفان مالي تعاون نه هئڻ ڪري هاءِ ويز جا سڀ منصوبا بيهي ويا آهن جنهن تي سنڌ حڪومت مٿان تنقيد ٿي رهي آهي ته پنجاب اندر ترقياتي منصوبن، موٽرويز ۽ هاءِ ويز جا ڄار وڇايا پيا وڃن پر سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪو ڪم نٿو ٿئي.
اسان پهريون سمجهندا هيا سين ته شايد اهي بيان مخالف جماعتن هئڻ ڪري ڏنا پيا وڃن پر هاڻي ثابت ٿي ويو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو پ پ جي ڪري به سنڌ ڏانهن مخالفاڻو رويو آهي جيڪو وفاقيت جي روح جي برخلاف آهي. ان کان اڳ ڄامشورو سيوهڻ هاءِ وي وارو منصوبو به ريڪارڊ سستي جو شڪار رهيو آهي ۽ پندرنهن سالن کان اهو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. ان منصوبي جي سستائپ جو سبب به وفاق طرفان پنهنجي حصي جو مالي تعاون نه ڪرڻ آهي.
سو سڄي ملڪ اندر جيڪو اهو تاثر قائم ٿي رهيو آهي ته ترقياتي منصوبا صرف ۽ صرف پنجاب ۾ ٿيندا آهن ته ان جو سبب به اهو ئي آهي ته وفاق ۽ صوبي پنجاب ۾ هڪ ئي جماعت مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي جيڪا صرف ۽ صرف پنهنجي ووٽر لاءِ ٿي سوچي پر نظرياتي ۽ فڪري طور تي ڏسجي ته اهو عمل وفاق جي روح جي ابتڙ آهي. وفاقي حڪومت کي هڪ ملڪ ۽ سڀني صوبن کي پنجاب جي نظر سان ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت به پارٽي مفادن کي ڏسندي ۽ رڳو پنهنجن ووٽرن جو خيال ڪندي ته پوءِ ايئن ئي ٿيندو جيئن اڄ نظر اچي رهيو آهي ته وفاق پنهنجن خراب پاليسين سبب سڀني صوبن کان لاتعلق ٿيندو ٿو وڃي ۽ سڀ صوبا وفاقي حڪومت جي پاليسين خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن.