ڪراچي(رپورٽر) پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو آهي ته ن ليگ پيپلزپارٽي سان جيڪي واعدا ڪيا هئاانهن تي مڪمل عمل اڃان تائين ناهي ٿيو، هن چيو ته گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي موجودگي ۾ ورڪنگ ريلشن شپ کي اڳتي وڌائڻ هڪ چئلينج آهي، وقار مهدي چيو ته قيادت ايندڙ بجيٽ ۾ ووٽ ڏيڻ کان پهرين يقيني بڻائيندي ته ن ليگ معاهدي تي عملدرآمد ڪري ٻئي صورت ۾ پيپلز پارٽي بجيٽ ۾ حڪومت جي حمايت نه ڪندي.