ڪراچي (نمائندن وٽان) قائدآباد چوڪ ويجهو پوليس ڪيمپ تي ڪريڪر بم حملو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪارزخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي موجب، حملي بعد ڊسٽرڪٽ ملير ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي. سي ٽي ڊي، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شاهديون گڏ ڪري اعليٰ سطح جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته دهشتگردن قائدآباد پل تان ڪريڪر اڇلي فرار ٿي ويا. واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ناردرن باءِ پاس ويجهو سي ٽي ڊي موبائيل تي دستي بم حملو ڪيو ويو پر بم موبائيل سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ ڪجهه وٿي تي ڪريو جنهن سبب اهلڪار محفوظ رهيا.