اسلام آباد(بيورو+پ ر)پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس حڪومت پاران پيڪا جي ڪاري قانون تحت صحافين کي گهرن مان کنڀڻ،ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ميڊيا ادارن ۾ ڪارڪنن کي پگهارن جي عدم ادائگي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران ميڊيا ادارن کي رهتن جي عدم ادائيگي خلاف 29 مارچ اڄ ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، سيڪريٽري جنرل ارشد انصاري چيو ته اسلام آباد ۾ سينئر صحافي وحيد مراد کي رات گهران کنڀڻ ۽ پيڪا ايڪٽ ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ سينئر صحافي فرحان ملڪ جي پيڪا تحت گرفتاري سڄي ملڪ جي صحافين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي سخت ڳڻتي آهي، ان ڪاري قانون تحت عام شهرين خلاف به ڪيس داخل ٿي رهيا آهن بلڪه گهرو جهيڙن جي باري ۾ به پوليس پاران پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا اهن،