ڪئنالن تي انتشار پکيڙيو پيو وڃي،ڪا به سنڌ دشمن رٿا نه ٺهندي:مراد علي شاهه

عمرڪوٽ/ڪنري (رپورٽ: مصطفيٰ مهر+ وسرام چند مڪواڻا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته وڏا وڏا ڊڪٽيٽر ڪالا باغ ڊيم نه ٺاھي سگهيا، سنڌ جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙي جي ھر منصوبي کي پ پ رد ڪندي ۽ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، جوائنٽ سيشن ۾ به صدر آصف زرداري ان تي اعتراض واريو، واويلا ڪئي پئي وڃي ته صدر ان تي صحيح ڪئي آھي پر صدر ڪابه منظوري ناهي ڏني، ڪئنالن تي انتشار پکيڙڻ جي واويلا ڪئي پئي وڃي ان جي مذمت ڪريان ٿو، سنڌ پوليس کاتي ۾ ڀرتين جي ميرٽ جي لتاڙ ٿي آھي ان تي لسٽ روڪرائي آھي ۽ نظرثاني ڪئي ويندي اھڙن خيالن جو اظھار هن ڪنري لڳ ڳوٺ مانجھاڪر ۾ نامياري ۽ برک سياستدان ايم اين اي مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي چاليھي ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو، وڏو وزير مراد علي شاھ، صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد سردار شاھ، سيد ذوالفقار شاھ، قاسم سراج سومرو، امداد پتافي، وقار مھدي ۽ ٻين سان گڏ ڪنري پھتو، ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته مرحوم نواب يوسف ٽالپر علائقي ۽ پ پ پ لاءِ اهم خدمتون آھن، نواب يوسف منھنجا بابا سان گڏ هو تڏھن کان ساڻس واسطو هو هن چيو ته مون کي ڄاڻ ملي آھي ته پوليس کاتي ۾ ٿيل ڀرتين تي ميرٽ جي لتاڙ ٿي آھي جنھن تي جاري ڪيل لسٽ کي روڪرائي ڇڏي آھي ۽ گهرو وزير سنڌ عمري تي ويل آھي سندس اچڻ بعد نظرثاني ڪئي ويندي ڪنھن سان به ناانصافي نه ٿيندي، سيد مراد علي شاھ چيو ته سنڌو درياھ تي ڪوبه ڪئنال نٿو ٺھي پنجاب حڪومت جو ڪئنال ٺاھڻ جو منصوبو ضرور آھي ۽ ڪالاباغ ڊيم جو به منصوبو هو پر محترمه بينظير جي جدوجھد سبب ڪالاباغ منصوبو رد ٿيو ۽ هي منصوبو به رد ٿي ويندو، پ پ پ سنڌ جي حقن تي ڪڏھن به ڌاڙو ھڻڻ نه ڏيندي ۽ ڪنھن به منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، انتشار پکيڙڻ لاءِ واويلا ڪئي پئي وڃي، جنھن جي مذمت ڪريان ٿو پ پ پ جي هوندي ڪوبه سنڌ دشمن منصوبو نه ٺھندو ڪالاباغ ڊيم نه ٺھيو ۽ ڪئنال به ڪونه ٺھندو پر منصوبو ضرور آھي ۽ صوبن کي منصوبا ٺاھڻ جا اختيار آھن باقي انھن ڪئنالن تي ڪوبه فنڊ ناهي رکيو ويو، صدر آصف زرداري جي صاف اعلان ۽ سنڌ اسيمبلي مان قراداد پيش ڪرڻ بعد پورو يقين آھي ته وفاقي حڪومت ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيندي ۽ وفاق کان گھر آھي ته اهو رد ڪري آئين موجب پاڻي جا منصوبا صوبا ٺاھيندا آھن انڪري ايتري انڌير نگري ناهي جو ڪير ھٽ ڌرمي ڪري ٺاھي وٺندو، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل ايڪنڪ اجلاس جي ايجنڊا ۾ حيدرآباد سکر موٽروي منصوبو  ڪونه هو. پر 434 ارب جي لاڳت سان سيالڪوٽ بهاولپور منصوبو ايڪنڪ ۾ آيو هو، جيڪو منصوبو اڳ ۾ آيو هو تڏھن مون خط لکي اعتراض ڪيو هو ۽ هينئر به اعتراض ڪيو ته سکر ۽ حيدرآباد اهم آھي انڪري ان کي اهميت ڏيڻ کپي، سيد مراد علي شاھ چيو ته چار اپريل تي اسان جي باني جي شھادت جو ڏينھن آھي هن ڀيري چار اپريل تي ڪو خاص اعلان ضرور هوندو، ان موقعي تي مهيش ڪمار ملاڻي، فقير شير محمد بلالاڻي، مير منور ٽالپر، پير آفتاب شاھ جيلاني. راڻا ھمير سنگھ، مير طارق ٽالپر، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ سميت پ پ پ جي مرڪزي ۽ مقامي قيادت اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا ۽ ايم اين اي مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي روح کي ايثال ثواب بخشڻ قرآن خواني ۽ دعا گهري وئي جڏھن ته ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر پاران سندس والد نواب يوسف ٽالپر جي چاليھي جي سلسلي ۾ خيرات في سبيل ۽ افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.