ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت چولستان ڪئنال سميت 6 تڪراري ڪئنالن خلاف سي سي آءِ کي خط لکي ڇڏيو. چولستان ڪئنال بابت ارسا جو پاڻي جي دستيابي بابت سرٽيفڪيٽ 1991ع واري پاڻي ٺاهه جي خلاف ڀڃڪڙي قرار ڏيندي، ان کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. خط ۾ نيو فتح، نيو مراد ڪئنال، نيو هاڪڙا ڪئنال، نيو هاران ڪئنال، رسول قادر آباد لنڪ ڪئنال ۽ قادر آباد بلوڪي لنڪ ڪئنال تي به اعتراض واريا ويا. خط ۾ چيو ويو ته بلوڪي سليمانڪي لنڪ جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي تي به سنڌ کي خدشا آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ اڳ ئي خريف جي مند ۾ 50 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن سبب صوبيکي اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ڊائون اسٽريم ۾ حصي جو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي، جڏهن ته ارسا پاڻي ٺاهه تي عمل نه پئي ڪري. چولستان ڪئنال ذريعي 4,122 ڪيوسڪ پاڻي کڻي 6 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين آباد ڪرڻ تي به اعتراض واريو ويو. قادر آباد، بلوڪي لنڪ ڪئنال ۽ بلوڪي سليمانڪي لنڪ جي اپ گريڊيشن ذريعي سليمانڪي هيڊ ورڪ وٽان پاڻي کڻڻ تي به سنڌ حڪومت سخت اعتراض ظاهر ڪيو آهي.