پاڪستان ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جو تڪرار ملڪ جي آڳاٽي ۽ وڌيڪ تڪراري مسئلن مان هڪ آهي، جنھن جي تاريخ برطانوي جديد بيٺڪي دور سان وڃي ملي ٿي. سنڌو درياءَ جي پاڻي جي ورڇ بابت ھي تڪرار 19هين صدي جي آخر ۾ تڏھن اُڀريو جڏهن پنجاب ۾ زراعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڏي پيماني تي آبپاشي رٿائون ٺاهيون ويون.جنھن جي قيمتي گھڻو ڪري سنڌو درياهه جي هيٺين علائقن کي چڪائڻي ٿي پئي.هي ڇڪتاڻ 1945ع ۾ ان وقت گهڻي وڌي وئي جڏهن برطانوي حڪومت ٻنهي صوبن جي وچ ۾ هڪ معاهدو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي خدشن کي تسليم ڪيو ويو ته پاڻي جي مٿين حصن ڏانهن موڙڻ سبب سنڌ جي ھيٺين علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. بھرحال 1947 ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو. ڇاڪاڻ ته پنجاب پنهنجي آبپاشي نيٽ ورڪ کي وڌائڻ کي جاري رکيو، نتيجي ۾ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جا الزام لڳڻ شرو ع ٿيا. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران ڪي 1960 جو سنڌو پاڻي معاهدو ۽ 1991 جو پاڻي جي حصيداري جو معاهدو سميت ٺاھ ٿيا، پر تڪرار اڃا تائين برقرار آهي.
هيءَ صورتحال جديد ٽيڪنالاجي ذريعي 1991 جي معاهدي ۾ ڄاڻايل پاڻي جي بهتر انتظام ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي آئيني وابستگي کي لاڳو ڪرڻ جي فوري ضرورت کي نروار ڪري ٿي. تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ واضح حڪمت عملي هجڻ گهرجي. جيئن جئين موسمياتي تبديلي ۽ آبادي ۾ واڌ ٿئي ٿي پاڻي جي کوٽ پڻ سنگين صورتحال اختيار ڪندي وڃي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت کي سنڌو درياءَ جي پاڻي واري تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
پاڪستان ۾ پاڻي جو اندروني تڪرار ڪو انوکو مسئلو ناهي. ڪيترن ئي ملڪن کي اھڙن تڪرارن کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آهي پر انھن قانوني فريم ورڪ ۽ جديد ٽيڪنيڪي حل ذريعي انهن تي ضابطو آندو آهي. آمريڪا ۽ اسپين جا ان حوالي سان ذڪر جوڳا تقليدي مثال موجود آھن. جيڪي پاڪستان کي ان بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا.
آمريڪا ۾ 1922ع جي ڪولوراڊو درياءَ جي معاهدي ستن رياستن جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ تي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جيتوڻيڪ اتي اڃا تائين بھ تڪرار پيدا ٿين ٿا، پر ٽياڪڙي جي اثرائتي نظام جھڙوڪ سپريم ڪورٽ جي مداخلت ۽ وفاقي مصالحت استحڪام کي يقيني بڻايو آھي. جديد ٽيڪنالوجي ڪولوراڊو درياءَ جي طاس انتظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. آمريڪي جيولوجيڪل سروي جي تحت نيڪسٽ جنريشن آبزرونگ سسٽم (NGWOS) پاڻي جي وهڪري ۽ استعمال تي ريئل ٽائم ڊيٽا جمع ڪري ٿو. ساڳئي طرح، ناسا جو ريور آبزورنگ سسٽم (RiOS) جي تحت ڊرون ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي ويندي آھي .جيڪا جديد اميجنگ ٽيڪنالوجي جي مدد سان پاڻي جي سطح کي انتھائي درستگي سان مانيٽر ڪري ٿي.ان ۾ مصنوعي ذهانت پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي،جتي خانگي ڪمپنيون جهڙوڪ ميٽا، ايف آءِ ڊي او ٽيڪ، سان گڏجي ڪري پاڻي جي پائپ لائن لڪيج جي نشاندھي ۽ پاڻي جي تحفظ تي ڪم ڪري رهيون آهن.
اسپين، جيڪو پاڻي جي کوٽ ۽ علائقائن وچ ۾ پاڻي جي تڪرارن جو شڪار آهي،تنھن هڪ غير مرڪز تي ٻڌل حڪمراني جو ماڊل اختيار ڪيو. 1985ع جي نيشنل واٽر لا، تحت بيسن جي سطح تي پاڻي بابت اٿارٽيون ٺاهيون ويون. جيڪي ان جي منصفاڻي ورھاست جون ذميوار آهن. هي نظام ان ڳالهھ کي يقيني بڻائي ٿو ته علائقائي حڪومتن، هارين ۽ صنعتن کي پاڻي جي ورهاست جي فيصلن ۾ گڏ کنيو وڃي.جنھن سان تڪرارن ۾ گهٽ ٿين ٿا. اسپين پاڻي جي دستيابي جي اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ جديد آبپاشي طريقن ۽ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ هائيڊروولوجيڪل ماڊلز ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪئي آهي.
پاڪستان پنهنجي پاڻي جي تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي معاهدا ڪيا آهن، پر انهن تي عمل درآمد ۾ ۾ ڏکيائون برقرار آهن. 1991ع جو پاڻي ورھاست جو معاهدو هڪ اهم سنگ ميل هو، پر سنڌ اڃا تائين شڪايت ڪري ٿي ته ان کي پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جڏهن ته معاهدي تحت صوبن کي 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مختص ڪيو ويو هو. ان معاهدي موجب، پنجاب کي 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ، سنڌ کي 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ، خيبر پختونخوا کي 5.78 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ بلوچستان کي 3.87 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏنو ويو.بھرحال موسمياتي تبديلي، سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا کي پاڻي جي فراهمي ۾ گهٽتائي ۽ شفاف نگراني جي کوٽ سبب تڪرار اڃان تائين جاري آهن.
سنڌ، پنجاب تي ضرورت کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جو الزام لڳايو آهي، خاص طور تي گريٽر ٿل ڪينال جهڙن منصوبن جي تعمير جي حوالي سان، جيڪو مبينا طور تي سنڌ جي اجازت کان سواءِ ٺاهيو ويو هو. بلوچستان پڻ اھا شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ پنھنجي مقرر ڪيل حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي، جنهن ڪري بلوچستان جي زراعت متاثر ٿي رهي آهي. خيبر پختونخواه هائيڊرو پاور لاءِ پاڻي تائين وڌيڪ رسائي جو مطالبو ڪيو آهي پر بنيادي انفراسٽرڪچر جي کوٽ جي ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ماهرن جو خيال آهي ته شفاف مانيٽرنگ جي نظام جو نھ ھئڻ انھن تڪرارن کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن سڀني بئراجن ۽ ڪينالن تي ريئل ٽائيم ٽيلي ميٽري سسٽم متعارف ڪرايو وڃي ته پاڻي جي انصاف ڀري ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، پر ماضي ۾ ٽيڪنيڪي ناڪامين ۽ سياسي رڪاوٽن جي ڪري اهي ڪوششون متاثر ٿيون آهن. جديد حل جهڙوڪ انٽرنيٽ آف ٿنگز (IoT) سينسرز، نان ڪانٽيڪٽ ريڊار ٽيڪنالاجي، ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ڊيٽا اينالائيٽڪس پاڻي جي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ثابت ٿي سگهن ٿا. وائرليس سينسرز ،جيڪي درياءَ جي تري ۾ نصب ڪيا وڃن ۽ رئيل ٽائم ڊيٽا فراهم ڪن ٿا، اھي شفافيت وڌائي سگهن ٿا. ساڳي طرح، ناسا جي ريور آبزرونگ سسٽم جي طرز تي ڊرون جي مدد سان پاڻي جي وهڪري جي مڪمل نگراني لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي.
سنڌ پنجاب پاڻي جي تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ سياسي مداخلت سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آھي. انڊس رور سسٽم اٿارٽي (IRSA) ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (CCI) جھڙا آئيني ادارا پاڻي جي ورڇ جا نگران آھن. پر نقادن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڌيڪ ووٽن ھجڻ ڪري فيصلا اڪثر پنجاب جي حق ۾ ويندا آهن.
جنوري 2024 ۾ انڊس رور سسٽم اٿارٽي چولستان ڪينال منصوبي جي منظوري ڏني، جنهن جو مقصد ست لک ايڪڙ ريگستاني زمين کي پوک لائق بڻائڻ هو. سنڌ ان رٿا جي سخت مخالفت ڪئي ۽ خبردار ڪيو ته اهو تجربو ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيئن هندستان ۽ سعودي عرب ۾ ڏٺو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ وٽ آئين جي آرٽيڪل 184(3) تحت پاڻي جي تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ خاص پاڻي ٽربيونل قائم ڪرڻ جو اختيار آهي، جيڪو بين الصوبائي تڪرارن کي غير جانبداري سان ڏسي. موسمياتي تبديلين جي ڪري گليشيئرز جي پگھرڻ ۽ مون سون جي نمونن ۾ تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ پاڻي جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگھي ٿو. جيڪڏهن جامع حڪمت عملي اختيار نه ڪئي وئي ته، سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار ملڪ جي استحڪام، معيشت ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ سنگين خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو.