سوشل ميڊيا ذهني صحت متاثر ڪرڻ لڳي: نئين تحقيق

جيڪڏهن توهان سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جا عادي آهيو ته هيءَ عادت توهان جي ذهني صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.
جرنل آف افيڪٽو ڊس آرڊرز ۾ شايع ٿيک تحقيق موجب، سوشل ميڊيا سان حد کان وڌيڪ وابستگي نوجوانن ۾ ڊپريشن ۽ انزائٽي جهڙن دماغي بيمارين جو خطرو وڌائي سگهي ٿي.
آمريڪا جي هڪ طبي تحقيق ۾ معلوم ٿيو ته ڊپريشن جو شڪار 40 سيڪڙو نوجوان سوشل ميڊيا جو تمام گهڻو استعمال ڪندا آهن.
تحقيق ۾ شامل ماڻهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هو سوشل ميڊيا کان پري ٿين ٿا ته کين ويڳاڻپ، مايوسي ۽ بيچيني جو احساس ٿئي ٿو.
تحقيق دوران معلوم ٿيو ته اسڪرِين جي آڏو وڌيڪ وقت گذارڻ سان ڊپريشن، انزائٽي ۽ آپگهات بابت سوچڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.
محققن جو چوڻ آهي ته ڪيترو وقت سوشل ميڊيا تي گذارڻ صحيح آهي، ان بابت واضح حد مقرر ڪرڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو مختلف هوندو آهي، پر جيڪڏهن سوشل ميڊيا روزمره جي سرگرمين کي متاثر ڪرڻ لڳي ته پوءِ اها عادت مسئلو بڻجي سگهي ٿي.
ان کان اڳ 2024ع ۾ سنگاپور جي انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ جي تحقيق ٻڌايو هو ته جيڪي نوجوان روزانو ٽي ڪلاڪ کان وڌيڪ سوشل ميڊيا ايپس استعمال ڪندا آهن، انهن ۾ ڊپريشن، انزائٽي ۽ دٻاءُ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تحقيق موجب، آن لائن توهين جوڳو رويي ۽ جسماني بناوٽ بابت ڳڻتي به ذهني مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
سنگاپور ۾ ٿيندڙ تحقيق دوران معلوم ٿيو ته 15 کان 35 ورهين جي هر ٽئين فرد ۾ ڊپريشن، انزائٽي يا دٻاءُ جون سنگين علامتون موجود آهن.
ان تحقيق ۾ شامل نوجوانن ۾ 24 سيڪڙو ماڻهن انزائٽي، 14 سيڪڙو ماڻهن ڊپريشن ۽ 12.9 سيڪڙو ماڻهن دٻاءُ جون سخت علامتون ظاهر ٿيون.
تحقيق موجب، جيڪي نوجوان سوشل ميڊيا جو تمام گهڻو استعمال ڪن ٿا، انهن ۾ ڊپريشن، انزائٽي ۽ دٻاءُ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.
جن ماڻهن کي پنهنجي جسماني بناوٽ بابت خدشات هوندا آهن، انهن ۾ به اهي ذهني مسئلا وڌيڪ شدت سان ڏسڻ ۾ آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.