ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سرڪاري ملازمت جي خواهشمندن لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي، گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتين جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو.
سنڌ حڪومت گريڊ 5 کان 15 تائين سڀني سرڪاري عهدن تي ڀرتين تي لاڳو پابندي باضابطا طور ختم ڪري ڇڏي.
نوٽيفڪيشن موجب سمورا لاڳاپيل کاتا قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀرتي جو عمل شروع ڪندا.
سنڌ حڪومت موجب مردن توڙي عورتن لاءِ شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل ڀرتي جو عمل يقيني بڻايو ويندو، اميدوار www.sjp.gos.pk ذريعي پروفائل ٺاهي دستاويز اپ لوڊ يا آن لائن درخواست ڏئي سگهن ٿا.
You might also like