ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ نئون خواب ڏسي ورتو ۽ چيو آهي ته نومبر ۽ ڊسمبر اهم آهن، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور منظور وساڻ نيون اڳڪٿيون ڪندي چيو آهي ته رڳو فضول ڳالهيون ٿي رهيون آهن، صدر جي اختيارن ۾ ڪا ترميم نه ٿيندي، اها ڪنهن جي خواهش ٿي سگهي ٿي پر حقيقت ۾ اهڙو ڪجهه ناهي، پارليامينٽ جي مفاد خلاف ڪو قدم نه کنيو ويندو.
هن چيو ته ملڪ سڌي دڳ سان هلي رهيو آهي ۽ نومبر ۽ ڊسمبر جا مهينا انتهائي اهم آهن، انهن ٻنهي مهينن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ڀلي اهو ننڍو هجي يا وڏو واقعو.
Next Post
You might also like