سنڌ اسيمبلي اسپيڪر اويس قادر شاهه پاران مسلم امت کي شبِ قدر جون واڌايون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه طرفان مسلم امت کي ڀلاري رات شبِ قدر جون واڌايون پيش ڪيون ويون آهن.
شبِ قدر جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته هن برڪت واري رات قرآن پاڪ نازل ٿيو، جيڪو پوري اُمت لاءِ مشعلِ راهه آهي.
هن چيو ته شبِ قدر افضل ترين راتين مان هڪ آهي، هيءَ مقدس رات رمضان المبارڪ جون سعادتون ماڻڻ ۽ الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي.
اسپيڪر سنڌ اسيمبلي هن افضل ترين رات تي ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ دعا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.