لاهور (ويب ڊيسڪ) عيدالفطر تي پنجاب جي جيلن ۾ قيد 1606 قيدين جي سزائن ۾ 3 مهينن جي معافي جو اعلان ڪيو ويو.
صدر آصف علي زرداري قيدين جي سزائن ۾ معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
جيل اختيارين موجب، معمولي ڏوهن ۾ ملوث قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اِها معافي سنگين ڏوهن جهڙوڪ دهشتگردي، قتل ۽ اغوا جي ڪيسن تي لاڳو نه ٿيندي.
اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ سڀ کان وڌيڪ 105 قيدي آزاد ٿيندا، جڏهن ته معافي جي اعلان کانپوءِ قيدين ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي.