مريم نواز غير منظور ٿيل منصوبي تي ڇو وئي؟ ڇا هوءَ سنڌ کي ڀڙڪائڻ چاهي ٿي؟ نثار کهڙو

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته نگران حڪومت کي حق نه آهي ته هو ڪا پاليسي ٺاهي. ملڪ ۾ 1991ع جو پاڻي ٺاھه موجود آهي.پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو جي رھائشگاھه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته پاڻي معاهدي ۾ ٻه خاميون هيون هڪ ته ڪوٽڙي کان هيٺ ڪيترو پاڻي هجي ان جو فيصلو نه ڪيو ويو. سنڌ جو مطالبو هو ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ 10 ايم اي ايف وڃڻ  گهرجي پر ارسا هڪ سال به معاهدي تحت پاڻي جي ورهاست ناهي ڪئي. اسان کي پورو پاڻي نه مليو، ڪڏهن ٽه نقاطي ۽ ڪڏهن تاريخي ورڇ تحت پاڻي تقسيم ٿيو آهي.ھن چيو ته مون کي اعتراض آهي ته مريم نواز غير منظور ٿيل منصوبي تي ڇو وئي؟ ڇا مريم سنڌ کي ڀڙڪائڻ چاهي ٿي؟ اسان جو جيئڻ مرڻ پاڻي سان آهي، سمنڊ سنڌ جي 40 لک ايڪڙ زمين متاثر ڪئي آهي، هتي عمرڪوٽ ميرپورخاص ۽ ٻين هنڌن تي پاڻي ڪونهي هن چيو ته  سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف نواز ۽ شهباز خاموش آهن. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳو آهي ۽ اسان انهن ڪينالن جي خلاف آهيون، هن چيو ته صدر کي صرف بريفنگ ڏني وئي، ڪنهن پراجيڪيٽ کي صدر منظور نٿو ڪري سگهي، ڪينالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو بل قومي اسيمبلي ۾ به نه آيو آهي ته انهن جي منظوري ڪيئن ٿي؟ ڪينالن جي مسئلي تي عوام جو پريشر آهي ۽ گهٽي گهٽي مان احتجاج پيو ٿئي. ان ڪري اسين پريشر وجهي ڪينال منصوبي کي واپس ڪرائينداسين،هن چيو ته گرين انيشيو تحت سنڌ جي سرڪاري زمين حاصل ڪئي وئي آهي، اها زمين آباد ڪرڻ لاءِ به پاڻي گهرجي ۽ اسان هڪ ايگريمينٽ تحت زمين ڏني آهي. جنهن مان سرڪار کي پئسا ملندا ۽ بعد ۾ زمين به واپس ملندي. اسان جمهوريت قائم رکڻ لاءِ ساٿ ڏنو. هن چيو ته نبيل گبول، مولابخش چانڊيو ۽ مير غلام ٽالپر پارٽي جا عهديدار نه آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.