ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي جي خورشيد ڪالوني ۾ ٻن معصوم نينگرين سان زيادتي ڪري وڊيو رڪارڊ ڪندڙ مک جوابدار سلطان پٺاڻ کي ڪوٽڙي پوليس گرفتار ڪري ورتو، کيس فرار ڪرائڻ لاءِ رشوت وٺندڙ اڳوڻي پوسٽ انچارج ياسين لغاري کي به لاڪ اپ ڪيو ويو. مک جوابدار کي ڄامشوري جي عدالت ۾ رمارنڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو، نينگرين جو ميڊيڪل پڻ ڪرايو ويو. ايس ايس پي ڄامشورو صديق ڇانگا پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. اڳوڻي ايس آءِ پي مظهر نائچ ۽ هٿ ٺوڪئي صحافي مقدر بلوچ سهولتڪارن ۾ شامل آهن جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، متاثر ڪٽنب سان گڏ آهيون، جوابدارن کي سخت سزا ڏياري ويندي. ذريعن موجب بطرف ٿيل اڳوڻي ايس ايڇ او سائيٽ مظهر نائچ ڄامشوري جي عدالت مان 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت ورتي آهي. ٻئي پاسي ڄامشورو بار ايسوسيئيشن جي صدر فهيم انڙ چيو ته اهڙا واقعا تڪليف جوڳا آهن، ڄامشورو بار متاثر نينگرن جو مفت ڪيس وڙهندي.
جوابدار افغاني آهي، هن نينگرين کي غريب سمجهي ظلم ڪيو: مامو
ڪوٽڙي: ڪيس جي فريادي، متاثر ٻن ڀينرن جي جي مامي عوامي آواز کي ٻڌايو ته وحشي جوابدار غربت جو فائدو ورتو، نينگريون پاڙي مان ماني ٽڪر وٺي کائينديون هيون، جوابدار چوندو هو ته هو سندس نياڻيون آهن ۽ کين زيادتي جو نشانو بڻائي بليڪ ميل ڪندو رهيو ۽ کين داٻا ڏيندو رهيو. هن چيو ته جوابدار سلطان پٺاڻ افغاني آهي ۽ پاڙيسري هجڻ سبب ٻارڙن کي بهاني سان گهرائيندو هو، ڪنهن کي غريب سمجهي اهڙي زيادتي ڪرڻ وڏو ظلم آهي، رشتن تان ويساهه کڄي ويو آهي، اميد آهي ته انصاف ٿيندو.